186

ويڪسين جي تهه تائين نه وڃو،الله جو نالو وٺي لڳرايو: فيصل سلطان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ويڪسين جي تهه تائين نه وڃو،الله جو نالو وٺي لڳرايو، ميڊيا سان ڳالهايئندي فيصل سلطان چيو ته حڪومت ڪورونا جي جيڪا ويڪسين منظور ڪئي آهي،اها بهترين آهي، جيتريون گهڻيون ويڪسينون لڳرائيندو اوترو نارمل لائيف ۾ڪامياب ٿيندو، جيستائين آبادي جو وڏو حصو ڪور نه ڪنداسين، نارمل زندگي طرف نه وڃي سگهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو