125

پينشن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس جو منصوبو رد،معاشي ترقي جي ڪوڙي دعويٰ تي شرم اچڻ گهرجي:بلاول ڀٽو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پينشن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس جو منصوبو رد ڪريون ٿا، معاشي ترقي جي ڪوڙي دعويٰ تي پي ٽي آءِ حڪومت کي شرم اچڻ گهرجي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان کي آزمائيندڙن پاڪستان جي غريب عوام کي بدترين آزمائش ۾مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، رٽائرڊ ملازمن کان پينشن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس رکڻ جو منصوبو رد ڪيون ٿا، عوام دشمن پاليسين جون هر فورم تي مقابلو ڪنداسين، ڪي پي ڪي ۾غربت جي شرح 27 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي،سنڌ ۾غربت جي شرح ۾گهٽتائي ٿي آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت معاشي ترقي جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي،عوام آڏو انهن جو ڪوڙ هاڻ پڪڙجي چڪو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو