187

سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي صورتحال خراب ، ارسا تربيلا ڊيم مان روزانو 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ لڳو، سنڌو درياهه ۾ کوٽ وڌي وئي

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي صورتحال خراب پاڻي ورهاست تي سنڌ سان زيادتي جاري،تربيلا ڊيم جي پاڻي ذخيرن مان ارسا روزانو 10 کان 12ھزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ لڳو  ارسا پاران چشما بئراج تان 19 مئي تي سنڌوندي جي سسٽم ۾ 8 ھزار ڪيوسڪ واڌارو ڇڏيل پاڻي تونسا بئراج تي پھچڻ کان اڳ ئي پراسرار نموني گم  تربيلا ڊيم پاڻي وھڪرن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي ان سلسلي ۾ آبپاشي ذريعن مان ورتل معلومات مطابق  ارسا پاران روزاني تربيلا ڊيم مان 10 کان 12 ھزار ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت سبب ڊيم جي ليول 1403فوٽن تي پھچي وئي باقي 4 ڏينھن جو رھجي ويو ان کان بعد سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ ڪر کڻندي اھڙي صورتحال برقرار رھي ته جون جي پھرين ڏھاڪي ۾ اھا کوٽ 30 کان 40 سيڪڙو تائين پهچي ويندي  برساتن جو  سلسلو رڪجڻ کان بعد ڪابل ندي جا پڻ  وھڪرا گھٽجي 39500 ڪيوسڪ تي پھچي ويا آھن تربيلا ڊيم  ۾ پاڻي جي آمد 56100 ڪيوسڪ اخراج 70000 ھزار ڪيوسڪ ڪالاباغ بئراج جو مٿانهون وهڪرو 105252 ھيٺاھون وھڪرو 97752 چشما بئراج جو مٿانهون وهڪرو 103910 ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 90000 ھزار ڪيوسڪ تونسا بئراج جو مٿانهون وهڪرو 82903 ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 72473 ڪيوسڪ گڊو بئراج تي مٿانهون وهڪرو56822 ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 46775 ڪيوسڪ گڊو بئراج مان نڪرندڙ ن سنڌ بيگاري فيڊر ۾ 100 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ڊيزرٽ پٽ فيڊر ڪينال۾ 95.12 سيڪڙو  کوٽ گھوٽڪي فيڊر ڪينال۾ 42.28 سيڪڙو پاڻي کوٽ سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 45320 ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 16710 ڪيوسڪ سکر بئراج جي کاٻي پاسي کان نڪرندڙ ڪئنالن روھڙي ڪئنال ۾ 31.37 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ نارا ڪئنال۾ 29.44سيڪڙو خيرپور ايسٽ ڪئنال 37.67 سيڪڙو خيرپور ويسٽ ڪئنال 40.51 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ  سکر بئراج جي ساڄي طرف کان نڪرندڙ ڪئنالن کيرٿر ڪئنال ۾ 39.32 سيڪڙو رائيس ڪئنال ۾ 56.63 سيڪڙو دادو ڪئنال۾ 52.74 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪوٽڙي بئراج تي مٿاھون وھڪرو 8108 ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 453 ڪيوسڪ ڪوٽڙي بئراج مان نڪرندڙ ڪلري بگھاڙ فيڊر ڪينال۾38.10 سيڪڙو پاڻي کوٽ اڪرم واھ۾ 60.52 سيڪڙو اولڊ ڦليلي ڪئنال ۾ 78.35 سيڪڙو نيو ڦليلي ڪئنال ۾ 72.82سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي آبپاشي ماهرن مطابق جيڪڏھن بارشن جو سلسلو نه رھيو ته 4 ڏينھن بعد تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پھچي ويندو پاڻي کوٽ وڌيڪ ڪر کڻندي سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج عبدالعزيز سومرو  موجب اڄ مجموعي طور تي پنجاب جي سمورين بئراجن تي 7.9 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ رڪارڊ سنڌ جي ٽنھي بيراجن تي پاڻي جي کوٽ 46.35 سيڪڙو رڪارڊ جيڪڏھن بارشن جو سلسلو نه رھيو ته 4 ڏينھن بعد تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پھچي ويندو پاڻي کوٽ وڌيڪ ڪر کڻندي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو