اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله 29 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪندي عبدالرحيم، نائيڪ محمد، محمد حنيف ۽ ٻين جا سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته نادرا پاڻمرادو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ، معطل ۽ رد نٿو ڪري سگهي، اداري کي ڪنهن به شخص کي شهريت کان محروم ڪرڻ جو اختيار ناهي،ان جو ڪم رڳو رجسٽريشن ۽ ڊيٽا بيس برقرار رکڻ آهي، شهريت معاملو سٽيزن شپ ايڪٽ تحت لاڳاپيل اٿارٽي ڏسي ٿي،سڃاڻپ ڪارڊ معطل يا بلاڪ ڪرڻ لاءِ جڊيشل آرڊر ضروري آهي، رڳو انٽيليجنس رپورٽ تي نادرا ڪنهن جي شهريت ختم نٿو ڪري سگهي،شهريت هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته حافظ حمدالله پاڪستان ۾ پيدا ٿيو، ان جو پٽ پاڪ فوج ۾ خدمتون انجام ڏئي پيو، ڪجهه به رڪارڊ تي موجود ناهي، آخر اهو نتيجو ڪيئن ڪڍيو ته حمد الله ۽ ٻيا پاڪستاني شهري ناهن، شهريت کانسواءِ ڪو به سياسي ۽ معاشرتي حق نٿو ملي سگهي،پيدا ٿيڻ کانپوءِ اهو پاڻمرادو پاڪستاني شهري بڻجي وڃي ٿو.
