204

نواز شريف جو ڏيتي ليتي وارا ماڻهو پيڇو ڪري رهيا آهن:فردوس عاشق

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق چيو آهي ته نواز شريف جو ڏيتي ليتي وارا ماڻهو پيڇو ڪري رهيا آهن، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اهي ڪهڙا حملو ڪندڙ آهن،جيڪي رڳو نواز شريف جي خاندان کي نظر اچي رهيا آهن، نواز شريف پنهنجي علاج لاءِ نه پر پٽ جو ڪاروبار ڏسڻ لاءِ ويو هو، جڏهن کان ظل سبحاني وات کوليو آهي،تڏهن کان راجڪماري چپ آهي، هن چيو ته بجيٽ سان عوام کي ترقي ۽ خوشحالي ۾مدد ملندي، ٻئي طرف لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فردوس عاشق چيو ته سمورا کاتا بجيٽ بابت وڏي وزير کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪري رهيا آهن،پنجاب حڪومت 25 سيڪڙو پگهارن ۾رليف ڏنو، موجوده حالتن ۾سندن گذارو مشڪل آهي، پي ٽي آءِ هڪ خاندان وانگر آهي،شڪايتون ۽ ناراضگيون ٿينديون رهنديون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو