لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جهانگير ترين گروپ عمران خان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. فواد چوڌري ڇنڇر ڏينهن لاهور ۾ جهانگير ترين گروپ جي ميمبر نعمان لنگڙيال وٽ پهتو، ساڻس ملاقات کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسان سڀ متحد آهيون، پارٽي ۾ ڪا ڌڙابندي نه آهي، اختلاف ختم ٿي چڪا آهن، جهانگير ترين کي به خبر آهي ته عمران خان ان جي ناجائز سفارش نه ڪندو، علي ظفر تي به ڌرين کي اعتماد آهي. هن چيو ته اسان هڪ خاندان جيان آهيون، وزيراعظم جي هدايت تي آياسين ۽ انهن جو موقف صبر سان ٻڌوسين جنهن ۾ وڏو وزن آهي، ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن پر انهن وزيراعظم جي قيادت تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.ان موقعي تي نعمال لنگڙيال چيو ته فواد چوڌري جي اچڻ تي سندس ٿورائتا آهيون، وزيراعظم تي اعتماد جو اظهار ڪريون ٿا.
194