اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته جولاءِ کان اپريل دوران سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري ۾32 سيڪڙو گهٽتائي ٿيۡ، پنهنجي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سيڙپڪاري 1.55 ارب ڊالر رهي، اسٽاڪ مارڪيٽ مان 10 مهينن ۾28 ڪروڙ ڊالر سيڙپڪاري ڪڍي وئي، هلندڙ مالي سال 10 مهينن ۾پرڏيهي سيڙپڪاري جو حجم 3 ارب 73 ڪروڙ ڊالر رهيو، مجموعي طور تي سيڙپڪاري 40 سيڪڙو گهٽ ٿي، اپريل ۾پرڏيهي سيڙپڪاري جو حجم 2 ارب 61 ڪروڙ ڊالر رهيو،اڍائي ارب ڊالر ماليت جا يورو بانڊز وڪرو ڪيا، 10 مهينن ۾ ملڪي خانگي شعبي ۾هڪ ارب 27 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي، گذريل مالي سال کان 40 سيڪڙو گهٽ آهي.
206