197

سنڌ ۾ مٽي جو طوفان، ڇپرا اڏامي ويا، وڻ ۽ سائن بورڊ ڪرڻ جا واقعا، 2 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مٽي جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات، رپورٽ موجب حيدرآباد تيز طوفان سبب سائن بورڊ سولر پليٽون وڻ ڪري پيا 3ڄڻا زخمي، سنڌ ۾ داخل ٿيل اولھه جي برسات واري سسٽم سان حيدرآباد ضلعي ۾ تيز طوفاني مٽي وارين ھوائن سان مختلف علائقن ۾ ڪٿي ھلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، مختلف علائقن ۾ سائن بورڊ ۽ وڻ ڪرڻ سبب حادثا، سائيٽ ايريا ۾ 3 مزدور زخمي ٿي پيا، مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات پئي، جڏهن ته ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي بند رهي، جڏهن ته حيدرآباد جي صائمه پلازه ھالا ناڪو اسرار يونيورسٽي ھٽڙي حيدرآباد ٽائون نئين سبزي منڊي ٽنڊو يوسف گلستان رحمت سميت باءِ پاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، جڏھن ته ٻين علائقن ۾ ھلڪي ڦڙ ڦڙ جو وسڪارو ٿيو برسات ۽ طوفان سبب بجلي به بند ٿي وئي، ٻئي طرف ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، ميرپور ماٿيلو، مٽياري، سانگهڙ، نوابشاهه، شاهپورچاڪر، ورڪشاپ، کڏڙو، جهول، بدين سميت مختلف علائقن ۾ مٽي جي تيز طوفان تباهي مچائي ڇڏي، گهرن ۽ دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا، جڏهن ته انبن جي فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي. هوڏانهن نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ صابن راهو ۾ طوفان دوران گهر جي ڀت ڪرڻ سبب ٻه نينگر جنيد لاکو ۽ خان محمد لاکو دٻجي ويا ڳوٺاڻن همٿ ڪري ٻنهي کي ٻاهر ڪڍي ورتو، جن مان هڪ نينگر 12 سالن جو جنيد لاکو فوت ٿي ويو،  جڏھن ته خان محمد لاکو زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال قاضي احمد منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڀٽ شاهه ۾ 11 ورهين جو نينگر نصير بليدي ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث اسپتال کڻائي آيا، طبي علاج بعد نينگر کي ڀٽ شاهه مان حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. موسميات جي ماھرن امڪان ڏيکاريو آھي ته اولهھ وارو برسات جو سسثم 30مئي تائين سنڌ بلوچستان پنجاب ۽ خيبر پختون خواه ۾ تيز طوفاني ھوائن سان مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رھندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو