ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته عيد کانپوءِ ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، صورتحال تشويشناڪ آهي، هن وقت اسپتالن ۾ جڳهه ختم ٿي چڪي آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ هڪ هفتي جي دوران ڪورونا جا 8.37 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، ڪراچي ۾ تعداد 13 سيڪڙو کان وڌيڪ ۽ حيدرآباد ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ تعداد رهي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته صورتحال ڳڻتي واري آهي، هن قت ڪيترن ئي اسپتالن ۾ جڳهه ناهي، مراد علي شاهه جو چوڻ ته ڪجهه کولڻ جي ڳالهه نٿا ڪريون، بازار 8 جي جڳهه تي هاڻ 6 بجي بند ڪرائي ويندي، هوٽلن تي ٽيبل سسٽم بند رهندو صرف هوم ڊليوري کلي رهندي، هن چيو ته جنهن ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
