ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شاهد آفريدي جي ڌيءُ جي شاهين شاهه سان ڳالهه پڪي ٿي وئي، قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي هڪ انٽرويو ۾ شاهين شاهه سان ڌيءُ جي ڳالهه پڪي ٿيڻ جي تصديق ڪئي، شاهد آفريدي ميزبان جي پڇيل سوال جي جواب ۾ الحمد الله چئي نئين رشتي جي تصديق ڪري ڇڏي، سندس چوڻ هو ته شاهين شاهه اسان جي قبيلي جو ناهي پر سندس والدين 2 سالن کان رشتو ڪرڻ تي بضد هئا، سوچ ويچار بعد ها ڪئي ۽ پنهنجي ان فيصلي سان مطمئن به آهيان. ڌيءُ ڊاڪٽر بڻجڻ جي خواهشمند آهي.
212