142

ڏهرڪي ويجهو عورت مبينا طور گهر ۾ پيٽرول هاري ساڙي قتل، مخالفن تي راڪيٽ حملي جو الزام

ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ويجهوکينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيراڻو شر ۾ نامعلوم جوابدارن گهر جي ڪمري ۾ ستل 22 سالا عورت زينب زال زهرو شر کي کٽ سان ٻڌي مبينا طور پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي قتل ڪيو ويو. اطلاع تي کينجهو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ڏهرڪي جي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرياڻي جي غير موجودگي دوران لين پوسٽ مارٽم لاءِ ميرپور ماٿيلو نيو ويو. ان موقعي تي سڙي فوت ٿيل عورت جي وارثن دلدار شر ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان گهر کان ٻاهر ويل هئا سون ته لنڊ برداري جي ماڻهن گهر تي راڪيٽن سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي عورت زينب ساڙي فوت ٿي آهي. هوڏانهن ايم پي اي شهريار شر واقعي واري هنڌ پهچي ميڊيا سان ڳالهيندي چيو آهي ته  نامعلوم جوبدارن پاران زينب کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي تي کين دلي صدمو پهتو آهي، جنهن بعد ان جي فوت ٿيڻ تي بنا ڪنهن ثبوتن جي ڪنهن به ڌر جي ماڻهڻ تي الزام مڙهڻ سٺو نه آهي. هن چيو ته کينجهو پوليس توڙي اسان پنهنجي پنهنجي حساب سان انڪوائري ڪري رهيا آهيون پر اصل حقيتت پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ خبر پوندي ته هن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي يا ڪنهن قتل ڪيو آهي هن چيو ته هن واقعي ۾ شر برادري سميت جيڪو به ماڻهو ملوث هوندو هن کي عبرت ناڪ سزا ڏني ويندو جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته اسان اقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪو به عورت جي قتل ڪيس ۾ ملوث نڪتو ان خلاف ڪيس داخل ڪيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو