203

اڪري ۾ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، اهلڪار جي زال فوت

اڪري چودڳي (ويب ڊيسڪ) اڪري ۾ ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، اهلڪار جي زال فوت، ان سلسلي ۾ شهر جي مک چوڪ تي حادثي ۾ اهلڪار قاسم شر جي گهرواري 35 ورهين جي زرينه فوت ٿي وئي، هوڏانهن پوليس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي فوتي عورت جو لاش فيض گنج اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته عورت اڪري ڀرسان عزيزن جي شادي ۾ شرڪت بعد واپس وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو