202

سڀاڻي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان: چوڌري نثار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار بيان ڏنو آهي ته سڀاڻي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ وڃي رهيو آهيان، چوڌري نثار  چيو آهي ته سڀاڻي پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجي  عهدي جو حلف کڻڻ وڃي رهيو آهيان ڇو ته اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ ميدان کليل ڇڏڻ وڏي سياسي غلطي هوندي، حلف کڻڻ جو مقصد تڪ ۾ سياسي حالتون  ۽ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. سيٽ ڇڏي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ عجيب هوندو ۽ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ ميدان کليل ڇڏڻ ان کان به وڏي سياسي  غلطي هوندي، عوام کي ڪورونا وبا کان بچائڻ به حلف کڻڻ واري فيصلي جو سبب آهي، حلف کڻڻ سان منهنجي موقف يا سوچ ۾ ڪابه تبديلي نه ايندي، فيصلو عوام سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪيو، چوڌري نثار چيو ته اسيمبلي مان پگهار، ٽي اي ڊي اي سميت ڪنهن به قسم جون مراعتون نه وٺندس، چوڌري نثار چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان منهنجي پنجاب اسيمبلي ۾ حلف کڻڻ يا نه کڻڻ جي حوالي سان خبرون هلي رهيون آهن، ان حوالي سان نه ته مون ڪو بيان ڏنو آهي ۽ نه ئي  منهنجي ڪنهن سيڪريٽري يا ترجمان ڪجهه چيو پوءِ به ڪهاڻيون بڻجنديون رهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو