190

دنيا ۾ هلندڙ وئڪسينيشن ۽ سڌرندڙ معيشت جو سوال؟

ليکڪ: رياض ابڙو

ڪجھه به هجي پر مغربي ملڪ پوءِ به غريب ملڪن جي امداد ڪندا ٿا رهن، سپرميسي، ريسزم، گوراپرستي يا ڪجهھ به پر وري به ويڪسين جي لاءِ ايڏي وڏي پيماني تي ورلڊ بئينڪ اسان جي ملڪ کي 153 ملين ڊالرز ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن تحت ايج فيڪٽر تحت ماڻهن کي خاص  ڪري مردن کي واري واري سان ويڪسينيشن جو عمل تيزي سان جاري رهندو ايندو، سرڪاري اسپتالن ۾، ويڪسين جي مرڪزن تي ته وڏي اسپيڊ سان رجسٽريشن ڪرائي پئي وڃي، معني وري به انهن وائيٽ هائوس وارن جي، آءِ ايم ايف جي ورلڊ بئينڪ جي مهرباني باقي اسان وٽ ڪو ٽيلينٽ، ڪا ريسرچ، ڪا تحقيق ڪو ادارو آهي ئي ڪو نه  جنهن کي ڏسي مغربي ملڪ به اهو سمجهن ته اسان به ان ڊوڙ ۾ شامل آهيون، جنهن جي ڪري انهن کي سپر ميسي آ، اهي سپر پاور آهن، انهن وٽ دولتون آهن ۽ اهي ان لائق آهن ته اهي دنيا جي مدد ڪري سگهن ٿا، اسان وٽ جي ٻوڏ ٿي اچي ته به برطانيا کان امداد وٺنداسين، جي ڪا تباهي ٿي اچي، ڪو زلزلو ٿو اچي يا هاڻي ڪووڊ، پر امدادي هٿ پوءِ به اهي مغربي ملڪ ئي آهن، پوءِ انهن ته اسان جهڙن غرين ترين ملڪن کي 1.9 ٽريلن ڊالرز جي امداد ڏئي ڪريل معيشت کي ڪجهھ ريڙهيوآهي، جيڪا عارضي طور تي ئي صحيح پر ڪجهھ بهتر ٿي آهي، جنهن ۾ سڀ غريب ملڪ شامل آهن رڳو اسان نه پر خاص ڪري مسلمان ملڪ  شامل آهن جن پنهنجن ملڪن ۾ ويڪسينيشن جي مهم هلائي آهي،  ۽  ماڻهن کي  ڪجھ رليف مليو آهي يا انهن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چيف اڪنامسٽ ”گريگري ڊيڪو“ جو اهو چوڻ ۽آٿت ڀلي آهي  ته ويڪسينيشن جي چڙهيل قيمتن جي ڪري ماڻهن جي لاءِ ممڪن نه هو ته اهي ايتري اسپيڊ سان ويڪسين ڪرائي سگهن ها، پر فيبروي کان شروع ٿيندڙ ويڪسينشن اڳتي هلي وڏي پيماني تي ماڻهن کي مدد فراهم ڪندي، ۽ اهڙي طرح معيشت کي ويڪسينيشن جي اچڻ ۽ ترت ڪرڻ سان مارچ کان هٿي ملي آهي، جنهن سان مارڪيٽن ۾ ڪجهھ چرپر آئي آهي، اها ڳالھه ته آمريڪا جي مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ به ڏٺي وئي آ هي، جيتوڻيڪ ٽرمپ پنهنجي دور ۾ ان ڪووڊ کي چائنا طرفان هڪ حملو قرار ڏئي ويو هو، ان دور ۾ اهو ممڪن نه هو ته ڪو هڪ فرد به آمريڪا جي شهرن مان اٿي اهو چئي ته ڪووڊ خطرناڪ آهي، ڪووڊ وبا آهي، ترقي يافتا ملڪن جي ”ڪريم“ ان ڪووڊ جي ڪري لڙهي وئي، ملڪن جون معيشتون تباھ ٿي ويون، ماڻهن ۾ گهل گهوڙا لڳي پئي هئي، اٽلي، فرانس، جرمني، آسٽريا، چين، (هاڻي ڀارت) معني ذري گهٽ سڄو يورپ قيامت جهڙا منظر ڏسي ويٺو هو، پر اتي ٽرمپ کي پوءِ به اها ”چيني چال“ سمجھه آئي، نتيجي ۾ هڪ ئي سيزن ۾ چار لک آمريڪي ڪووڊ جي ڪري اجل جو شڪار ٿي ويا، هاڻي ساڳيا ئي آمريڪي ماسڪ به پائن ٿا، سينيٽائيزر به هڻڻ ٿا، سوشل ڊسٽينس به ڪن، گهڙي گهڙي هٿ به ڌوئن ٿا ۽ ويڪسين به ڪرائن ٿا، جنهن جي ڪري انهن جي اڪانامي تي به مثبت اثر پيا آهن، توڙي جو آمريڪا جي معيشت مارچ واري مهيني ۾ هڪ سينٽ جي حساب سان يا سيڪڙو سان ڊراپ به ٿي جيڪا وري فيبروري ۾ ٻه سينٽ جي شرح سان ڪرندي رهي هئي، ان ڪري آمريڪي مارڪيٽن ۾ خريد ۽ فرخت جو رجحان گهٽ رهيو يا ڪرندو رهيو، هن جي ”ڪامرس ڊپارٽمينٽ“ گذريل هفتي اهو به مڃيو ته آمريڪي معيشت 7.1 جي شرح سان ڪرندي رهي آهي جيڪا جنوري ۾ 10.1 جي شرح سان مٿي هلندي رهي هئي پر ڪووڊ جي ڪري ان ۾ لڳاتار لاٿ ايندي رهي آهي، جيڪا هڪ خطرناڪ ڳالهھ آهي، جي اها لاٿ برقرار رهي ته آمريڪي معيشت کي خطرو ٿي سگهي ٿو، بائيڊن جي لاءِ هي وڏو چيلينج ثابت ٿي آهي، جتي هن جا اهي سڀ ڪم جيڪي ٽرمپ جي ڪاري دور جا ڪيل هئا اهي هن سڌا ڪيا توڙي جو هن آئين ۾ 25 ترميم ڪري ٽرمپ کان حلف نه ورتو ۽ نه ئي ٽرمپ ان تقريب ۾ اچڻ تي رضامند به هو پر اتي بائيڊين جي لاءِ وڏا چيلينج به ڇڏي ويو، جئين فلسطينين جي آمريڪا اچڻ تي پابندي ۽ پي ايل او  جي آمريڪا اندر چرپر تي پابندي، ٻاهرين شاگردن جي پيئرن جي آمريڪا اچڻ تي پابندي، مسلمانن جي آمريڪا اندر چرپر تي پابندي ۽ وري ڪووڊ جي نه مڃڻ واري ڳالهھ، اتي بائيڊن ان ڳالهھ کي مڃي گهٽ ۾ گهٽ آمريڪين کي ماسڪ پائڻ کان وٺي وري ويڪسينيشن تي راضي ڪيو جيڪا هن جي وڏي همت ۽ ڪاميابي چئبي،  پاڻ وٽ به بس الله جي آسري، حڪومت جي ڏسيل هيلپ لائين ”1166“ تي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ موڪليو، پوءِ اهي ايج فيڪٽر کي جاچي ڏسندا جي توهان ان ايج فيڪٽر ۾ اچو ٿا ويڪسينيشن وڃي ٿي، مفت جو ڌڪو به ڀلو ماڻهن جي لائين لڳي پئي آ، ڪير پڇا ڪونه  ٿو ڪري ته اهي پئسا جيڪي اربين رپيا توهان کي مليا انهن ۾ وري به توهان کي چائنا هٿ آئي جنهن جي مفت جي ڪٽن تي گهل گهڙا ٻري وئي هئي، يا چائنا سدائين اسان ڏي ٻه نمبر مال موڪليندو رهندو آهي، پوءِ هاڻي انهن جي ويڪسين تي ڪيئن اعتبار ڪيون، جيڪا 70 پرسنٽ به فائدي واري ناهي، هي ته 70 سيڪڙو ٿا چون اها 60 سيڪڙو به نه هوندي، پوءِ ڀلا هي رشين ويڪسين وٺن هان، فائيز جي آمريڪا ۽ فرانس کان وٺن هان، پئسا ته مليا اٿن نه، هن ۾ اڃان ٻي ريسرچ سامهون ناهي آئي جيڪا اسان جي مذهبي يا خاص ڪي پي جي ماڻهن وٽ ڪيل آ ته ٻارن کي ٽڪا نه هڻايو جو ان ۾ گهٽ فرٽيلٽي وارا عنصر شامل آهن جو توهان کي ٻار گهٽ ٿيندا، هن ۾ اهڙي دعويٰ اڃان سامهون ناهي آئي ڇو ته اسان ۾ ڀلي گدري سنگهڻ، ٻٽالن مان پاڪ نالا ڪڍڻ، پنن تي به عجيب غريب نالن ڪڍڻ يا آسمان تي عجيب آرٽ ۽ ڪرافٽ واري ڳالهھ ته سمجھڻ جهڙي آهي پر اڳتي هلي جي ويڪسين جا دائرا وڌي ويا يا ڪي پي وارا جاڳي پيا ته پوءِ هي ويڪسين به خطري ۽ رولڙي جو شڪار ٿي ويندي پر حڪومت کي پوءِ به شابس آهي جو رشين، فرينچ يا آمريڪي نه صحيح پر وري به چين تي هٿ کتا اٿن جنهن اسان جهڙي غريب ملڪ کي پئسن جي عيوض ويڪسين ته  فراهم ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو