194

برساتن جي مند، ڪراچي ۽ وفاق جا ٺلها اعلان

ليکڪ: رافعه ذڪريه

ڪراچي هن سال به برساتن لاءِ بلڪل تيار نه آهي ۽ پوئين سال به برساتن لاءِ تيار نه هو، ان کان پوئين سال به تيار نه هو، گذريل سال جي تباهه ڪندڙ برساتن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جون حياتيون ويون، لکين ماڻهو متاثر ٿيا، وڌيڪ تباهه ڪندڙ برسات آگسٽ ۾ ٿي، جڏهن 12 ڪلاڪن دوران 200 ملي ميٽر پاڻي وسيو، برسات ۽ ان کانپوءِ ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال اهڙي هئي، جيڪا خلا مان به نظر اچي رهي هئي ۽ ناسا جي ويب سائيٽ تي به ان جي تصوير موجود آهي، برسات جو پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن تائين بيٺل رهيو ۽ اهو  بيٺل پاڻي ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻيو، هزارين ڪاروبار جيڪي ڪورونا جي ڪري اڳ ئي ڏکيائي ۾ هئا، وڌيڪ متاثر ٿيا، هن ڀيري به ڪراچي جي شهرين کي حيران نه ٿيڻ گهرجي، جيتوڻيڪ طوفان جو خطرو ٽري ويو آهي، پر مون سون برساتن کي ته وسڻو آهي، گذريل آگسٽ جي برساتن کانپوءِ سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه وفاقي حڪومت (جنهن جا خزانا ڪراچي پنهنجي ٽئڪسن سان ڀري ٿي) کي مدد جي اپيل ڪئي، جنهن پئماني تي تباهي ٿي هئي ان مان اها ڳالهه واضح هئي ته ان کي منهن ڏيڻ صوبائي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه هئي، پر وفاقي حڪومت طرفان به ڪا خاطر خواهه مدد نه ملي، وزيراعظم 1100 ارب رپين جو واعدو ته ڪيو پر سال گذرڻ کانپوءِ به ان کان وڌيڪ ڪا خبر سامهون ناهي آئي، ٻوڏ واري صورتحال جو هڪ وڏو سبب برساتي نالن جي بندش به هئي، جيئن ته پاڻي جي نيڪال جو ڪو انتظام نه هو، ان ڪري پاڻي ماڻهن جي گهرن ۾ داخل ٿيو، تازو ئي وزيراعليٰ مراد علي شاهه امڪاني برساتن ۽ طوفان جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي، هن 80 ملي ميٽر برسات جي اڳڪٿي سبب نالن جون چوڪنگ پوائنٽون صاف ڪرڻ  ۽ صوبائي انتظاميا کي سمورن ضلعن کي ڊي واٽرنگ مشينون فراهم ڪرڻ جا حڪم ڏنا، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ خاص ڪنٽرول سيل به ٺاهيو ويو ته جيئن مختلف ادارا گڏجي متاثرن جي مدد ڪري سگهن، اها هڪ زبردست ڪوشش آهي ۽ مون سون جي حوالي سان ان قسم جي ڪوشش جي ضرورت آهي، پر حالتن جي بهتري لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ هڪ پورو نظام ٺاهيو وڃي ۽ ان بابت ٻين انتظامن کي به درست ڪيو وڃي، ان لاءِ هيٺانهن علائقن جي ميپنگ ۽ نيڪال واري نظام جي صلاحيت ۾ واڌ ڪرڻي پوندي، شهر جي اهم رستن کي هڪ ئي طرز تي تيار ڪرڻو پوندو ته جيئن برساتي پاڻي نالن ۾ ئي وڃي، ڪنهن ڏکيائي واري صورتحال کان بچڻ لاءِ انتظاميا کي ان ڳالهه کي سمجهڻو پوندو ته پاڻي جي نيڪال جي زير زمين نظام کان سواءِ  ڪو به وڏو شهر وڏي مقدار ۾ برساتي پاڻي جو انتظام نٿو ڪري سگهي، اها ڳالهه هاڻ واضح آهي ته موسمياتي تبديلي جي ڪري هن خطي ۾ برساتن جي صورتحال تي به فرق پيو آهي، ماضي ۾ ڪراچي ۾ برساتون پونديون ئي نه هيون، جيڪڏهن ڪنهن سال برسات پوندي هئي ته گذريل سال ٿيندڙ برسات وانگر ته بلڪل به نه هوندي هئي، عربي سمنڊ جي پاڻي جي وڌندڙ گرمي پد جو مطلب اهو آهي ته هتي هاڻ اڳ کان وڌيڪ طوفان ٺهندا، جيترا گهڻا طوفان ٺهندا ڪراچي جي متاثر ٿيڻ جا امڪان ايترا ئي وڌيڪ هوندا، جيڪڏهن ڪو شهر تيز برساتن کي ئي برداشت نه ڪري سگهي ته اندازو ڪيو ته ڪنهن طوفان جو شڪار ٿيڻ تي اتي ڪهڙي صورتحال هوندي؟ 2 ڪروڙ آبادي واري شهر ڪراچي جي حالت انتهائي خراب آهي، هتي عدم مساوات جا منظر به نظر اچن ٿا، غريبن جا پاڙا اميرن جي بستين جي وچ ۾ دٻيل آهن، اهي بستيون جن جي وڏين ديوارن پويان اميرن پاڻ کي ۽ پنهنجي دولت کي لڪايو آهي، اميرن وٽ ته بيڪ اپ جنريٽر موجود آهن، ان ڪري برساتن جي موسم جي گرمي برداشت نٿي ڪرڻي پوي، ائين به ممڪن آهي ته اوهان ڪراچي ۾ رهڻ بنا به ڪراچي ۾ رهي رهيا هجو، اها ته خير اميرن جي ڪهاڻي آهي، ڪچين آبادين يا وڏين عمارتن ۾ موجود ننڍن فليٽن ۾ رهندڙ ڪراچي جي اڪثر آبادي روز اذيت کي منهن ڏئي ٿي، شهري انتظاميا انهن ماڻهن کي مسلسل مايوس ڪيو آهي، جڏهن جڏهن شهر ۾ پاڻي چڙهي ٿو ته ٽي وي چينل ان کي موسم خوشگوار ٿي وئي چئي ماڻهن کي وڌيڪ اذيت ڏين ٿا، ٿيڻ ته ائين گهرجي ته هر شخص ان موسم ۾ پنهنجي گهر جي ٻڏڻ جي ڳڻتي ڇڏي پڪوڙن مان لطف اندوز ٿئي، گهر ۾ ڪجهه انچ پاڻي گڏ ٿيڻ سان ڇا ٿي ويندو، جيڪڏهن اوهان پوءِ به پنهنجي صوفي تي ويهي پڪوڙا کائي رهيا هجو، ائين لڳي ٿو ته شهري انتظاميا به شهر کي ٻڏندو ڏسي اهو ئي سوچيندي هجي، ڪير ٿو چوي ته دوزخ گرم ۽ خشڪ ئي هجڻ گهرجي؟ ڪراچي اهو ثابت ڪري سگهي ٿو ته گپ ۽ پاڻي سان ڀريل دوزخ  به ايترو ئي اذيتناڪ ٿي سگهي ٿو، جيئن جيئن مون سون ويجهو اچي رهي آهي ڪراچي جي شهرين کي پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي، کين گهرجي ته کاڌي پيتي جون شيون ذخيرو ڪري وٺن، ٽارچن جون بيٽريون ۽ موبائل فون چارج رکڻ جو بندوبست به ڪن، ڇو ته تيز برسات جي نتيجي ۾ جيڪا سڀ کان پهرين شيءِ گم ٿيندي اها بجلي هوندي. بهتر اهو ئي آهي ته بجلي ۽ واءِ فاءِ جي نه هجڻ ۽ پاڻي سان ڀريل گهٽين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳ کان ئي حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي، بجلي نه هجڻ جو هڪ فائدو اهو ٿيندو ته اوهان ٽي وي اينڪرن کي پڪوڙن جون ترڪيبون ٻڌائيندي ۽ موسم خوشگوار ٿيڻ جا اعلان ڪندي نه ٻڌي سگهندئو، ڪراچي وارن کي برسات کان بد دل ٿيڻ جو حق به پهچي ٿو، ماضي قريب ۾ هر سال ٿيندڙ برسات شهر کي تباهه ڪري وڃي ٿي، ويٺي ويٺي بنيادي زندگي گذارڻ جيڪڏهن ناممڪن نه آهي ته ڏکي ضرور ٿي وڃي ٿي، هر سال هڪ بيحس وفاقي حڪومت ماڻهن کي مشڪلات ۾ گهيريل ڏسندي رهي ٿي ۽ هي سال به ڪجهه مختلف نه هوندو، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ برسات بابت ڪو به رومانس نه آهي، تباهه ٿيل ڪراچي کي شايد وفاقي حڪومت بس پڪوڙن جي هڪ پليٽ ئي پيش ڪري سگهي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو