ليکڪ: غضنفر سولنگي
سڃي دنيا سان گڏوگڏ اسلامي دنيا پڻ هن وقت ڪورونا جهڙي وبا کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن سبب پٺتي پيل معيشت کي وڏو ڌچڪو رسيو آهي، مسلمان ملڪ جيڪي هونئن ته پاڻ ۾ سياسي، سماجي، جاگرافيائي ۽ فرقيوارين ۾ ورهايل آهن پر اهي سڀ هڪ فورم تي گڏ آهن ۽ اهو فورم يا تنظيم او آءِ سي جي آهي، جنهن جي پيلٽ فارم تان وقتن به وقتن آواز اٿاريندا رهن ٿا، جيئن مسجد الاقصيٰ بيت الا مقدس کي باھ ڏني وئي ته ان جي فورن پوءِ 24 ملڪن گڏجي 12 رجب 1389 هجري 25 سيپٽومبر 1969ع ۾ مراڪش جي گاڌي جي هنڌ رباط ۾ اجلاس ڪوٺايو انهي وقت تنظيم جو نالو اسلامي سربراهي ڪانفرنس رکيو ويو جيڪو اڳتي هلي آستانا ڪازڪستان جي گاديءَ واري هنڌ ۾ 38 پرڏيهي وزيرن جي ميٽنگ دوران مٽائي اسلامي سربراهي تعاون جي تنظيم رکيوويو، تنظيم جي هيڍ آفيس سعودي عرب جي شهر جده ۾ بڻائي وئي، شروعاتي مقصدن ۾ شامل هڪ اهم مقصد اهو به هو ته اسلامي ملڪن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ خاص ڪري مقدس جڳهن جي جنهن ۾ اهم ڪعبته الله شريف ۽ مسجد الاقصا نمايا آهن ٻيو اهم مقصد اهو پڻ هو ته اسلامي ميمبر ملڪن جي مالي مدد ۽ انهن سان سياسي، سماجي، ثقافتي تعاون رکڻ، اسلامي سربراهي تعاون جي تنظيم گڏيل قومن کان پوءِ ٻي وڏي بين الا اقوامي تنظيم آهي، جنهن جا چئن کنڊن ايشا ، آفريڪا، اوڀر آمريڪا ۽ يورپ ۾ 57 اسلامي ملڪ ميمبر آهن، انهن ملڪن کي خدا پاڪ قدرتي نعمتن سان مالامال ڪيو آهي جيڪي دنيا جي وڏي آبادي سان گڌوگڏ ڪافي ايراضي پڻ والارين ٿا اهي ملڪ جي تنظيم جي مقصدن تي عمل ڪن ها ته هن وقت تائين مسلمانن جو پهريون قبلو آزاد هجي ها، ڪجھه اهڙيون ڪوششون ۽ ڪاوشون شهيد ڊولفقار علي ڀٽي ،شاهه فيصل،ڪرنل معمر قذافي،انورسا دات ۽ ياسر عرفات 1974ع ۾ ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس لاهور ۾ ڪيون پر تاريح شاهد آهي ته انهن سڀني اسلامي اڳوا ڻن سان سامراجي قوتن ڪهڙو حشر ڪيو، ڪيترن ئي اجلاسن ،ميٽنگن ۽ ڪميٽين ٺاهڻ جي باوجود به اسلامي سربراهي تعاون جي هيءَ تنظيم ڪي خاص مقصد ماڻي نه سگهي آهي، جنهن جو وڏو سبب به عالمي قوتن جي مداخلت آهي، اسلامي دنيا ان تنظيم تحت گڏ ته آهي پر اندورني طور اهي رياستون هڪ ٻئي جون ڪٽر دشمن نظر اچن ٿيون، هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن جنهن سبب هو اصل مقصدن کان ڪوهين ڏور بيٽل آهن، گذريل 50 سالن ۾ هن تنظيم ڳالهيون گهڻيون ۽ عملي ڪم نه جهڙا ڪيا آهن، 16 مئي واري اسلامي تنظيم جي اجلاس ۾ به خالي ٺهراءُ ئي پاس ڪيو ويو، تنظيم جي ٺهڻ واري مقصد تي نظر وجهو ته معلوم ٿيندو ته غزه تي اسرائيلي بمباري جو سلسلو رڪجڻ جي ويجهو آهي پر اسرائيلن جي حملن ۾ 40 ٻارن 36 عورتون ۽ 15 بزرگن سميت 230 شهيد ٿيا، اها اسرائيل جي هڪڙي ڪارروائي ناهي پر وقتن بوقتن اهو ظلم عام ڪيو پيو وڃي، اسرائيل حماس جي ويڙهاڪ ڌڙي جي سربراهه کي شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهيو آهي، دنيا ۾ اسرائيل خلاف وڌندڙ نفرت ۽ آمريڪا جي پيغام بعد اسرائيل پنهنجي پاليسي تي نظرثاني تي غور ڪري جنگ بندي لاءِ رضامندي، ظاهر ڪئي دنيا جنگبندي لاءِ دٻاءُ وڌاايو ۽ حماس به جنگبندي تي راضپو ڏيکاريو جنهن بعد ئي اسرائيل تي دٻاءُ وڌيو ۽ جلد ئي جنگبندي ٿي وئي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس پڻ انهي جو اهم سبب بڻيو، 52 هزار فلسطيني بي گهر ٿي چڪا پراسلامي دنيا الائي ڇا جي انتظار ۾ هئي اسرائيلي فورسز جي بمباري ۾ عمارتون کنڊر بڻجي ويون فلسطيني روزاني پنهنجن پيارن کي دفنائي رهيا هئا، رڙين جا آواز رڪجڻ جو نالو ئي نه پيا وٺن جڏهن ته هينئر تائين 450 عمارتون تباهه ٿي چڪيون آهن، اسرائيلي وزيراعظم چيو ته غزه ۾ حماس جي خلاف حملا ان وقت تائين جاري رهندا جيستائين سمورن اسرائيلي شهرين کي حفاظت جو يقين نٿو ڏياريو وڃي، پر آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪرڻ جي حمايت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته روس غزه ۾ وڌيڪ ماڻهو مارڻ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو آمريڪا جي قانونسازن اسرائيل کي 735 ملين ڊالرن جي هٿيارن جو وڪرو ڪرڻ جو حڪم نامون جاري ڪري عالمي امن جي خواب کي چڪنا چور ڪرڻ جي ويجهو ويجهو رهندو پيو اچي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسلامي ملڪن جي هي تنظيم مسلمانن جي ۽ دنيا جي هن وڏي ۽ اهم مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري تڏهن ئي وڃي دنيا امن جي پرچار ڪرڻ لائق بڻبي.