194

سنڌ ۾ ڪورونا پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو…!!

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري  صوبي ۾ لاڳو پابندين کي وڌيڪ ٻن هفتن تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، طبي ماهرن، پوليس عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سيڪريٽري صحت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 15 کان 21 مئي تائين ڪراچي ۾ 13.97 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا، حيدرآباد ۾ 10.83 سيڪڙو ۽ باقي ضلعن ۾ 5.40 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته هفتيوار رپورٽ جي حساب سان ڪراچي جي شرقي ضلعي ۾ 15 سيڪڙو ڪيس آهن، وسطي ضلعي ۾ 13 سيڪڙو، ملير ۽ غربي ۾ 10 سيڪڙو، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 11 ۽ سکر ۾ 8 سيڪڙو ڪورونا ڪيس آهن، اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گذريل مهيني ۾ 213 مريض فوت ٿيا آهن،  ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪالهه سڀ کان وڌيڪ 24299 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2136 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، عيد تي ڪورونا جا 1232 ڪيس هئا ۽ هن وقت سنڌ ۾ تشخيص جي شرح 8.8 سيڪڙو آهي، ان مان ظاهر آهي ته عيد کانپوءِ ڪيسن جي شرح مسلسل وڌي رهي آهي، اجلاس ۾ شريڪ صحت واري وزي عذره پيچوهو ٻڌايو ته 19 مئي ته 2076 ڪيس ۽ 21 مئي ته 2036 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اجلاس کانپوءِ وڏي وزير جي ترجمان ٻڌايو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا جو پابنديون ايندڙ ٻن هفتن تائين برقرار رکيون وينديون، سياحتي مرڪز، سي ويو، هاڪس بي، تفريحي پارڪ ٻن هفتن لاءِ بند رهندا، پر واڪنگ ٽريڪ کليل رکيا ويندا، دڪان سومر کان شام جو 6 وڳي تائين ايس او پيز تحت کليل رهندا، ڊپارمينٽنل اسٽور به شام 6 وڳي تائين کليل رهندا، صوبي ۾ سمورا شادي هال بند رهندا، هوٽلن ۾ ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور ماني کائڻ تي پابندي هوندي، صرف کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته انٽر سٽي ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافرن سان هلندو ۽ ڀڃڪڙي تي ڏنڊ ورتو ويندو. ترجمان ٻڌايو ته صوبي ۾ اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿيڻ تي ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ تعليم واري وزير کي هدايت ڪئي وئي آهي ته تعليمي ادارن ۾ استادن جي ويڪسين ڪرائي وڃي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوام جي بچاءَ لاءِ جيڪو به مناسب سمجهي اهو قدم کڻي سگهي ٿي ۽ اهو سمجهداري وارو فيصلو آهي، جيتوڻيڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد کانسواءِ ٻين ضلعن ۾ ڪورونا جي ڪيس گهٽجي ويا آهن پر اهي موجود ضرور آهن، ان ڪري انهن کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت جيڪو قدم کنيو آهي اهو بهتر آهي ۽ ان جي حمايت به ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ڪورونا اهڙو مرض آهي جنهن جو علاج صرف احتياط آهي، اسان کي اميد آهي ته سنڌ جو عوام به سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن جي نه صرف حمايت ڪندو پر سنڌ حڪومت سان گڏجي ايس او پيز تي عمل ڪري هن مرض جي صوبي مان پاڙ پٽڻ لاءِ حڪومت سان ٻانهن ٻيلي ٿيندو، جيئن اسان هن وڏي امتحان مان پاس ٿي سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو