ملير (ويب ڊيسڪ) ملير ۾ ننڍي عمر جي ٻارن کي اغوا ڪري بدفعلي ڪندڙ ٽولي جو انڪشاف ان وقت ٿيو آھي جڏھن وارثن طرفان ٻارڙي سان بدفعلي ڪندي ٽولي جو مک جوابدار اسلم ولد غلام حسين کي پڪڙي شاھ لطيف پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس وٽ جوابدار ابتدائي جاچ ۾ انڪشاف ڪيو آھي ته گرفتار جوابدار ٻارن کي درگاھن تان آندل تبرڪ کارائڻ بھاني ورغلائي قومي شاھراھ لڳ ھڪ خالي گھر ۾ آڻي پنھنجي حوس جو نشانو بڻائيندو ھو جوابدار خلاف ننڍي عمر جي ٻارن سان زنا ڪرڻ جا 4 ڪيس بن قاسم ۽ شاھ لطيف ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا آھن، جڏھن ته پوليس ڪراچي جي ڪيترن ئي ٿاڻن تي سندس تفصيل موڪلي ڪيسن متعلق پڇا ڪئي آھي.
227