153

ٺل ۾ ويڳي پيءُ مبينا طور ڌيءَ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ٺل (ويب ڊيسڪ) ٺل ۾ ويڳي پيءُ مبينا طور ڌيءَ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو احتجاجي مظاهرو، ان سلسلي ۾ شيخ ڪالوني ۾ ياسين سومرو پنهنجي ماٽيلي ڌيءَ 8 ورهين جي منظوران کي مبينا گهٽا ڏئي قتل ڪيو،  نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، هوڏانهن نينگري جي پيءُ هدايت الله سومري، ڀائل خاتون، سهڻي، مهرالله، شوڪت علي ۽ ٻين مردن ۽ عورتن لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي هديت الله سومري ٻڌايو ته 2 سال اڳ زال محمودان مون کي ڇڏي ياسين سان پيار پرڻو ڪيو هو، ظالم ڌيءَ ماري ڇڏي آهي، هنن چيو ته جوابدار معصوم ٻارڙيءَ کي گهٽا ڏئي ماري ظلم ڪيو آهي، سندس خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاچ ڪريون پيا ته نينگري ڪيئن فوت ٿي؟ پاڙيسرين ٻڌايو آهي ته نينگري بيماري وگهي فوت ٿي آهي، کيس وارث پهريان دفنائي آيا هئا ۽ پوءِ وري لاش ڪڍي پوسٽ مارٽم لاءِ آيا آهن، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو