اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جو عوام سان واعدو آهي ته مهانگائي گهٽ ڪنداسين، حڪومت جامع ۽ پائيدار اقتصادي اوسر واري شرح حاصل ڪرڻ لاءِ روانگي واپار ۽ ٽيڪس وصوليون وڌائڻ سميت ڊگهي ۽ گهٽ مدي جي منصوبه بندي تحت قدم کڻي رهي آهي، هلندڙ مالي سال دوران معاشي اشاريو 3.94 سيڪڙو جي اقتصادي ترقي ظاهر ڪري ٿو پر بد قسمتي سان انهن انگن اکرن کي تڪراري بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، جڏهن حڪومت اقتدار ۾ آئي ته ملڪ جو مالياتي خسارو 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ هو ۽ پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جا ذخيرا انتهائي گهٽ هئا، سخت شرطن باوجود مجبوري ۾ آئي ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، حڪومت هائوسنگ، زراعت ۽ روانگي واپار جي صنعت جهڙن شعبن تي خاص توجه ڏني آهي جنهن سبب معاشي استحڪام ۽ اقتصادي ترقي ٿي، معاشي اوسر واري شرح جي جيڪڏهن اها ئي رفتار رهي ته ايندڙ مالي سال 2022ع ۾ 5 سيڪڙو ۽ مالي سال 2023ع تائين 6 سيڪڙو پلس کان وڌيڪ اقتصادي اوسر واري شرح حاصل ڪرڻ جي اميد آهي، قومي معيشت جي 12 مختلف ۽ اهم شعبن لاءِ مختصر ۽ ڊگهي مدي جي حڪمت عملي واضح ڪئي پئي وڃي. آچر ڏينهن ميڊيا بريفنگ ۾ هن چيو ته هلندڙ مالي سال 21-2020ع جي معاشي انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان جي اقتصادي اوسي واري شرح 3.94 سيڪڙو وڌي آهي پر ان کي تڪراري بنائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته حقيقتون ان جي ابتڙ آهن ڇاڪاڻ ته انگن اکرن وارو ادارو منصوبا بندي ڪميشن تحت ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اهي انگ اکر پلاننگ ڪميشن جا آهن، ناڻي واري وزارت جا نه. زوم تي ملڪ جي معاشي صورتحال ۽ ان حوالي سان حاصل ٿيندڙ ڪاميابين بابت ڳالهائيندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن عمران خان حڪومت سنڀالي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر کان وڌيڪ هو ۽ اسان وٽ پرڏيهي مٽا سٽا واري ناڻي جا زخيرا انتهائي گهٽ هئا ان لاءِ مجبوري ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) وٽ وڃڻو پيو ڇاڪاڻ ته معاشي طور تي مشڪل حالتون هيون ۽ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا شروع ٿي وئي هئي. هن چيو ته هن ڀيري 2008ع جي ڀيٽ ۾ آئي ايم ايف جو شرطون به سخت هيون پر ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻ ضروري هو ان ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت ڪجهه ٽارگيٽڊ ۽ اهم شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي جن ۾ زراعت، صنعت، هائوسنگ وغيره شامل آهن. هن چيو ته حڪومت جي قدمن ملڪ جي معاشي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو قوم سان واعدو آهي ته مهانگائي کي ختم ڪرڻو آهي.
182