واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 6 لک کان وڌي ويو آهي. مجموعي مريضن جو انگ 3 ڪروڙ 38 لک 82449 تائين پهچي ويو آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق آمريڪا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 18 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ مجموعي طور تي مريضن جو انگ 3 ڪروڙ 38 لک 82449 ٿي ويو آهي. ڪيلي فورنيا سڀ کان وڌيڪ متاثر رياست آهي جتي وبا سبب متاثر ماڻهن جو انگ 37 لک 76533 ٿي ويو آهي جڏهن ته مجموعي طور تي 62905 ماڻهو فوت ٿيا آهن. واضح رهي ته ڊسمبر 2019ع ۾ چائنا مان ڦهلجندڙ وبا سبب سڄي دنيا ۾ مجموعي طور تي متاثرن جو انگ 16 ڪروڙ 71 لک 23467 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته مجموعي فوتگين جو انگ 34 لک 70345 کان وڌي ويو آهي.
188