اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته جڏهن اسان ڪووڊ ويڪسين جون 5 ملين خوراڪون لڳائڻ جو هدف مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ صحت ۽ معيشت ۾ ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهيون ته اچو ته انهن انگن اکرن بابت پنهنجي عزم جي توثيق ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪوششن سان ڪووڊ – 19 تي متوازن رد عمل سامهون آيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ صحت جي شعبي لاءِ فائديمند اشارين سان گڏوگڏ معاشي ميدان ۾ به خوشخبريون ملي رهيون آهن.
201