شڪارپور(ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي ڪچي ۾پوليس جي بڪتربند گاڏي تي راڪيٽن سان حملو، ٻن اهلڪارن سميت 3 ڄڻا شهيد، ايس ايڇ او سميت 7 پوليس اهلڪار زخمي،6 ڌاڙيل مارڻ ۽ هڪ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. رپورٽ موجب شڪارپور ڀرسان ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾مغوين جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي سربراهي ۾ پوليس جي وڏن اٽالن بڪتربند گاڏين ذريعي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو، ڌاڙيلن پوليس جي ٻن بڪتربند گاڏين تي راڪيٽن ۽ جديد هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾اي پي سي چين جو ڊرائيور جهانزيب ڇڄڻ، پوليس اهلڪار منور علي جتوئي ۽ خانگي فوٽو گرافر حسيب شيخ شهيد ٿي ويا، شهيد ٿيل نوجوان حسيب شيخ جو والد پيار شيخ پوليس کاتي ۾فوٽو گرافر آهي، گذريل ڏينهن آپريشن جي ڪوريج لاءِ پنهنجي پٽ کي موڪليو هو، جتي هن شهادت ماڻي. جڏهن ته مقابلي ۾ايس ايڇ او مزمل سومرو، اهلڪار زاهد علي ابڙو،سرور علي ڪوري، عمران علي سومرو،سعيد احمد مهر،سجاد چانڊيو ۽ اسد الله پهوڙ زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، شهيد ٿيل ٽنهي پوليس اهلڪارن جا مڙهه خانپور جي اسپتال ۾آندا ويا،بعد ۾جنازي نماز بعد لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا،مقابلي دوران 2 مغوي ٽرالر ڊرائيور نقيب الله پٺاڻ ۽ عزيزالله پٺاڻ کي بازياب ڪرايو ويو آهي، هوڏانهن ٻن اهلڪارن سميت ٽن ڄڻن کي شهيد ۽ 7 کي زخمي ڪندڙ ڌاڙيلن بڪتربند گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾وٺي، ڪاميابي تي جشن ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل جشن ملهائي رهيا آهن ۽ نعريٰ هڻي رهيا آهن، هوڏانهن اطلاعن موجب بڪتربند گاڏي تي راڪيٽ حملي کانپوءِ پوليس اهلڪار گاڏي اندر مدد لاءِ پڪاريندا رهيا، ٽن اهلڪارن موقعي تي دم ڏنو، ڪيترن ڪلاڪن کانپوءِ زخمين کي خانپور اسپتال پهچايو ويو، جڏهن ته ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آپريشن دوران 3 اهلڪار شهيد ۽ 7 زخمي ٿيا آهن، ٻن مغوين کي بازياب ڪرايو آهي، جڏهن ته 6 ڌاڙيلن کي ماريو آهي ۽ هڪ کي زندهه حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، هن چيو ته سمورن مغوين جي بازيابي تائين ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري رهندو.
