فائرنگ 118

ڳڙهي ياسين ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان ٻن ڌرين ۾فائرنگ،4 ڄڻا قتل،هڪ زخمي

ڳڙهي ياسين(ويب ڊيسڪ) ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ شاهم معرفاڻي ۾ ڪارنهن جي پراڻي مامري تان معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا قتل، هڪ زخمي، علائقي ۾ خوف ڏهڪاءُ ، اهڙي واقعي جو اطلاع ڳڙهي ياسين پوليس کي ڏنو، پوليس رات جو پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي چئني مقتولن جا لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش الڳ الڳ وارثن حوالي ڪيا ويا. خبرموجب ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهم معرفاڻي ۾ معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين نظام معرفاڻي ۽ عزيزالله معرفاڻي جي پراڻي تڪرار تان عزيزالله معرفاڻي جي ڌر جي هٿياربندن نظام معرفاڻي جي گهرن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڏنا ، جنهن جي نتيجي ۾ نظام معرفاڻي جي ڌر جا ٻه نوجوان عبدالنبي ولد مولابخش، سڌير پٽ هادي بخش معرفاڻي تڏي تي مارجي ويا ، جڏهن ته فائرنگ جي آواز ۾ حملي آوار ڌر هاشم ولد هدايت الله ، عبدالڪريم عرف اوغان معرفاڻي مارجي ويا ، جڏهن ته هڪ زخمي جا اطلاع پڻ ملن ٿا، اڌ رات جو اهڙي فائرنگ سبب علائقي ۾ سخت خوف حراس وارو ماحول ڇائنجي ويو، فائرنگ جو اطلاع ڳڙهي ياسين پوليس کي ڏنو ويو ، پوليس اطلاع ملڻ بعد واقعي واري هنڌ پهتي ، چئني مقتولن جا لاش کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال آڻدا جتي ٻن مقتولن عبدالنبي ۽ سڌير معرفاڻي جا لاش انهن جي وارثن حوالي ڪيا ويا ، جڏهن ته هاشم ۽ عبدالڪريم عرف اوغان معرفاڻي جي وارثن حوالي ڪيا ويا ، هوڏانهن پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري چئن ماڻهن کي حراست ۾ وٺي علائقي ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي ته جئين خوني جهيڙو نه ٿي سگهي ، ياد رهي ته ڌرين ۾ ڪجهه سال پهريان ڪارنهن جي مامري تان عزيز الله واري ڌر نظام معرفاڻي جي ڌر جي ماڻهو دلبر معرفاڻي کي ڪارنهن جو الزام مڙهيو هيو ، جنهن تان اهڙو واقعو پيش آيو ، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين گلزار احمد ٻرڙو صحافين کي ٻڌايو ته جيئن ئي اطلاع مليو ته واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي، ڳوٺ مٿان چڙهائي دوران ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، جن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي،  جنهن مٿان ڪيس نه هوندا انهن کي آزاد ڪيو ويندو. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو