181

سعودي جا حج ڪرڻ لاءِ شرط جاري، چيني ويڪسين لڳرائيندڙن کي حج جي اجازت نه ملندي

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت هلندڙ سال دنيا جي 60 هزار ماڻهن کي حج جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪورونا جي  چيني ويڪسين لڳرائيندڙن کي حج جي اجازت نه ملندي. ان سلسلي ۾ سعودي حڪومت حج لاءِ تياريون شروع ڪندي حج جي خواهشمندن لاءِ ڪورونا جي صورتحال ۾ شرطن تي ٻڌل هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهن. سعودي حڪومت جي فيصلي هيٺ 15 هزار سعودي ۾ رهندڙ ۽ 45 هزار مختلف ملڪن جا ماڻهو حج ڪري سگهندا،  ڪورونا سبب انگ محدود ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل هدايتن ۽ شرطن موجب  18 سالن کان وڌيڪ عمر وارا حج ڪري سگهندا. حج لاءِ ويندڙ لاءِ جسماني صحت جو سرٽيفڪيٽ لازمي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪورونا ويڪسين جا ٻئي ڊوز لڳل هئڻ ضروري آهي، ويڪسين اها لڳايل هجي جيڪا سعودي جي صحت واري وزارت طرفان قبولڻ جوڳي هجي، جنهن ۾ چيني ويڪسين شامل نه آهي. جنهن ڪري چيني ويڪسين لڳرائيندڙن کي حج جي اجازت نه ملندي، حج جو خواهشمند گذريل 6 مهينن دوران اسپتال ۾ داخل نه ٿيو هجي، موجوده وقت ۾ ان کي ڪا به بيماري لڳل نه هجي. ٻي پاسي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو آهي ته هلندڙ سال حج جا خواهشمند سعودي پاران ڏنل هدايتن موجب پنهنجي تياري جاري رکن. سعودي حڪومت ڪورونا احتياطي تدبيرن هيٺ هلندڙ سال حج جي لاءِ 60 هزار  ماڻهن جو انگ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان 15 هزار سعودي جا رهواسي ۽  45 هزار  ٻين ملڪن مان ويندا. اميد آهي ته 45 هزار مان پاڪستانين کي به ڪوٽا ملندي. ان ڪري حج  جا خواهشمند ملندڙ هدايتن موجب پنهنجي تياري جاري رکن. هن چيو ته پاڪستان سعودي حڪومت کي چيني ويڪسين لڳرائيندڙن کي به حج جي اجازات ڏيڻ  جي درخواست ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو