129

پريشر گروپ هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين، ڪنهن کي حڪومت ڊاهڻي آهي ته ڊاهي ڇڏي، احتساب جاري ئي رهندو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي پڪو پهه ڪيو آهي ته ڪنهن به شخصيت کي ڪنهن به صورت ۾ اين آر او نه ڏنو ويندو  ڀلي ان جي ڪهڙي به قيمت ڀرڻي پوي. اهڙو پڪو پهه آچر ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين جي معاملي تي خاص طور تي بحث ڪيو ويو. جنهن تي ڪور ڪميٽي ان معاملي پابت وزيراعظم عمران خان جي موقف جي تائيد ڪئي. ڪور ڪميٽي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪرڻ جو مقصد قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ هر شخص کي انصاف جي فراهمي هو ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته ڪنهن به شخص يا شخصيت کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو واسطو ڪنهن به پارٽي سان ڇو نه هجي. ان حوالي سان ڪور ڪميٽي ان ڳالهه کي ورجايو ته پارٽي جي بنيادي اصولن جي آبياري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي ويندي ۽ اصولن تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کنيو ويندو، ڀلي ان جي ڪا به قيمت ڇو نه ڀرڻي پوي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به پريشر گروپ جي  هٿان بليڪ ميل نه ٿينداسين، احتساب جاري ئي رهندو. جيڪڏهن ڪنهن جو مقصد حڪومت ڪيرائڻ آهي ته اهو ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري،  اسين ڪنهن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي پنهنجي منشور تان پوئتي نه هٽنداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته  آئون جڏهن  مخالفن سان به زيادتي نه پيو ڪريان ته پوءِ پنهنجن ماڻهن سان ڪيئن ٿو ڪري سگهان، ڪير به غلط فهمي ۾ نه رهي، حڪومت وڃي ته هلي  پر ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه اينداسين، منهنجي لاءِ اقتدار اهم نه آهي، پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ ڪنهن کي به اين آر او نه ٿو ڏئي سگهان، احتساب کان پوئتي نه ٿو هٽي سگهان،  اسان جي جدوجهد ئي قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ هئي. اسين انصاف ۾ ئي يقين رکون ٿا ۽ ان معاملي ۾ ڪنهن سان به نا انصافي نه ٿيندي، ڪنهن سان به ڪو سياسي پلاند نه پيا ڪريون، قانون جي حڪمراني قائم ڪنداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته نظريي کان سواءِ قومون مري وڃن ٿيون. پوري پارٽي ۽ سمورن ميمبرن کي تحريڪ انصاف جي نظريي تي گڏ رهڻ گهرجي، ميرٽ ۽ ٽرانسپرنسي تحريڪ انصاف جو بنيادي جز آهي.  ٻي پاسي ان کان اڳ پنجاب جي وقي وزير عثمان بزدار وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ هن عمران خان کي هڪ ڏينهن اڳ جهانگيرت ترين گروپ سان ٿيل ملاقات جي ڳالهين بابت تفصيل سان سُڌ ڌني. ان موقعي تي هن اتفاق ڪيو ته  جهانگير ترين گروپ جا جائز مطالبا تسليم ٿيندا، جڏهن ته جانچ دوران حڪومت اڻ ڌري رهندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي، ڪنهن خلاف انتقامي ڪارروائي نه پيا ڪريون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو