ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي 91 واري ٺاهه موجب حصي جو پاڻي نه پيو ملي،. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير پاڻي اوري معاملي تي عجيب بيان ڏئي سنڌ کي بلوچستان سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هڪ صوبي کي سرسبز ڪري ٻي کي بنجر ڪرڻ وارو عمل برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پهرين 10 ڏينهن اندر 35 سيڪڙو ۽ ٻين 10 ڏينهن اندر 37 سيڪڙو پاڻي گهٽائي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو ويو. هن چيو ته پهرين مئي کان 10 مئي پنجاب جو حصو 93.7 ايم اي ايف هو جنهن جي نتيجي ۾ ان کي 77.5 ايم اي ايف ڏنو ويو جيڪو 17 سيڪڙو کوٽ ظاهر ڪري پيو. ساڳي ريت سنڌ جو حصو 100.8 ايم اي ايف هو جنهن موجب 51.1 ايم اي ايف پاڻي ملڻو هو پر ان بدران رڳو 33.2 ايم اي ايف پاڻي ڏنو ويو. جيڪو 37 سيڪڙو کوٽ ڏيکاري ٿو. جڏهن ته بلوچستان کي 20 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي ڏنو ويو. جنهن کان پوءِ 11 کان 20 مئي تي پنجاب جو 100.8 ايم اي ايف حصو ٿيو ٿي آهي جنهن مان هن کي 84.6 ايم اي ايف ڏنو ويو جيڪو 16 سيڪڙو کوٽ ظاهر ڪري ٿو جڏهن ته سنڌ کي 61.7 ايم اي ايف جي حصي مان 38.4 ايم اي ايف ڏنو ويو جيڪو 37.7 سيڪڙو کوٽ ڏيکاري ٿو. اهڙي ريت پنجاب کي وڌيڪ پاڻي ڏنو ويو جيڪا سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي آهي ۽ اسين ان خلاف آواز اٿارينداسين. ان معاملي تي وزيراعظم کي خط پڻ لکندس.
196