180

عمران خان ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي ڏوهي آهي کيس معافي وٺڻي پوندي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارتيءَ جي  چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعظم عمران خان کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو آهي ته جڏهن سڄي دنيا ۾ معاشي بحران آيو هو، ان وقت به ملڪي معيشت جو ايترو خراب حال نه هو، جيترو اڪيلي عمران خان ڪري ڇڏيو، عمران خان جي محسن ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي دور ۾ غربت جي شرح 50 سيڪڙو هئي، عمران خان پرويز مشرف جي هدف موجب ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي وڌندڙ قدمن کي نه روڪيو ويو ته گهر گهر معاشي بدحالي جي اهڙي باهه ٻاري ڇڏيندو، جنهن کي ڏهاڪن تائين نه وسائي سگهبو، هو پنهنجي پويان معاشي بربادي جا داستان ڇڏي شوڪت عزيز ۽ پرويز مشرف جيان ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهه کان سخت شرطن تي وڏا قرض ورتا ويا، عمران خان جي ڪابينا ملڪي ناڻو ڪرپشن ۾ اڏائي رهي آهي، عمران خان جو ڏوهه رڳو مهانگائي ڪرڻ نه پر مهانگائي ڪندڙ مافيا جي پٺڀرائي ڪرڻ به آهي، معاشي ڏوهن تي عمران خان کي عام ماڻهو کان معافي وٺڻي پوندي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام معاشي ڏوهن تي عمران خان کي ڪڏهن معاف نه ڪندو، ٻين تي الزام هڻندڙ عمران خان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو