193

اپوزيشن ملڪ ۾سياسي ڏڦيڙ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿي :شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اپوزيشن کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اپوزيشن ملڪ ۾سياسي ڏڦيڙ ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهي ٿي،بجيٽ ۾مراعتون ڏينداسين، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته مخالف ڌر جو سياسي دڪان هاڻي بند ٿي چڪو آهي،کين ڊپ آهي ته عمران خان ايندڙ چونڊن ۾ڪاميابي ماڻيندو، هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾غريب طبقي خاص ڪري پگهاردار ۽ سفيد پوش طبقي لاءِ مراعاتون رکيون وينديون، ڪورونا وبا ۽ بين الاقوامي حالتن باوجود پاڪستان جي معيشت 4 سيڪڙو وڌي،اها وزيراعظم جي ڪارڪردگي آهي، پاڪستان جي معيشت هاڻي ٽيڪ آف ڪري چڪي آهي،ايندڙ ٻن سالن ۾ترقي جي اها شرح انشاءَالله وڌيڪ وڌندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو