لاهور(ويب ڊيسڪ)راولپنڊي رنگ روڊ ميگا اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي ٽٽي پئي آهي، جنهن بعد جاچ اڌ ۾ رڪيل آهي، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب پنجاب حڪومت معاملي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي هئي. ڪاميٽي کي 3 ٽي او آر تحت جاچ ڪرڻ ۽ 3 الڳ الڳ رپورٽون پيش ڪرڻيون هيون، ڪاميٽي جي پهرين رپورٽ تي انوار الحق خدشن جو اظهار ڪندي صحيح نه ڪئي. جنهن تي حڪومت کيس ڪاميٽي مان ڪڍي ڇڏيو ۽ بدلي پڻ ڪيو. انوار الحق جي بدلي بعد فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي ٽٽي پئي.
198