211

جنهن جڳهه تي شهباز شريف پاڻ موجود هجي ان جڳهه تي منهنجي موجودگي ضروري ناهي: مسلم ليگ (ن) نائب صدر مريم نواز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته جتي شهباز شريف پاڻ موجود هجي ان جڳهه تي منهنجي موجودگي ضروري ناهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم فيصلو ڪيو هو ته رمضان کانپوءِ ميٽنگ ٿيندي جيڪا ميٽنگ اڄ يا سڀاڻي ٿيندي، جنهن ۾ اهم فيصلو ڪرڻو آهي، هن چيو ته پنجاب ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ جي لاءِ ڪي به نمبرن جي ضرورت ناهي، اسان وٺ نمبرن کان وڌيڪ ماڻهون آهن، ليگي رهنما جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي طرفان هن وقت تائين شوڪاز جو جواب ناهي آيو، جڏهن جواب آيو ته ڏسنداسين رد عمل ڪيترو مضبوط آهي ۽ ان جو ڇا ڪرڻو آهي، پر (ن) ليگ ۽ پي ڊي ايم جو موقف هڪ هي آهي.  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو