ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ اڄ کان مغرب کانپوءِ بنا ضرورت جي ٻاهر نڪرڻ گهمڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، سنڌ حڪومت ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ صوبي ۾ لڳل سمورين پاپندين تي سختي ڪري ڇڏي، جنهن مطابق اڄ کان صوبي ۾ ڪاروبار صبح 5 بجي کان شام 6 تائين کليل رهندو، جڏهن ته جمع ۽ آچر تي ڪاروبار مڪمل بند رهندو. پوليس کي غير ضروري نقل حرڪت روڪڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي، صوبي ۾ اڄ رات 8 بجي کانپوءِ ماڻهن کي غير ضروري گهومڻ جي اجازت نه هوندي، ان سلسلي ۾ وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي گاڏين ۾ گهمڻ وارن کي روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪير اسپتال لاءِ ونڃي ٿو ته ان کي اجازت ڏني ويندي، رپورٽ مطابق پارڪس ۾ مغرب کانپوءِ لائٽو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ۽ وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پيز کي پابندين تي هر صورت عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
