197

عمران خان بيضن ۽ ڀنگ جي پوک تي ملڪي معيشيت بهتر بنائڻ جا خواب پيو ڏيکاري: شازيه مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيا عطا مري پاران وفاقي وزير اسد عمر جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسد عمر کي معيشت جي ڄاڻ هجي ها ته هو وزير خزانه طور برطرف نه ڪيو وڃي ها، ھن چيو ته عمران نيازي جي نااهلي کي لڪائڻ لاءِ سندس ڪابينا جا وزير ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، شازيه مري چيو ته عمران خان ڪڏهن بيضن، ڪڏهن راشن بيگز تي ته وري ڪڏهن ڀنگ جي پوک تي ملڪي معيشت بھتر بنائڻ جا خواب ڏيکاري رھيو آهي، هن چيو ته تبديلي جي نالي تي ماڻهن کي ٺڳڻ ھاڻ بي نقاب ٿئي ويو آهي، ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ھاري طبقو سخت معاشي تڪليفن ۾ مبتلا آھي، مزدور به فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته وزيراعظم چوي ٿو سنڌ اسان جي نه آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ ڏهن ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ ۾ به صوبي سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي آهي ۽ فنڊز ۾ ڪٽوتي به ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته نوڪري پيشا طبقو به مھانگائي جي ڪري پريشان آهي، ان ڪري عوام هاڻ ظالم سونامي کان ڇوٽڪارو چاھي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو