ڪراچي/ اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 57 ماڻهو فوت ۽ 3 هزار 60 متاثر ٿيا آهن. سنڌ حڪومت ڪورونا ۾ واڌ سبب پابندين ۾ ويتر واڌ ڪندي پوري سنڌ ۾ رات 8 وڳي کان پوءِ بنا سبب گهرن کان ٻاهر نڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اهڙو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير جي ترجمان موجب اڄ کان صوبي ۾ ڪاروبار جو وقت صبح 5 کان شام 6 وڳي تائين هوندو، ڪريانا، ڊپارٽمينٽل ۽ سپر اسٽور شام 6 وڳي تائين کليل رهندا پر بيڪريون ۽ کير جا دڪان رات 12هين تائين کليل رهندا، جڏهن ته جمع ۽ آچر ڏينهن ڪاروبار مڪمل طور بند رهندو. ترجمان ٻڌايو ته سڀاڻي کان رات 8 وڳي کان پوءِ ماڻهن کي غير ضروري طور گهمڻ ڦرڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ان سلسلي ۾ وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي رات جو دير سان گاڏين ۾ گهمندڙ ماڻهن کي روڪڻ جي به هدايت ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ضروري ڪم يا اسپتال وڃڻو آهي ته پوءِ اجازت ڏني ويندي. ترجمان جو چوڻ هو ته پارڪن ۾ سج لٿي کان پوءِ لائيٽون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايس ايس پيز کي پابندين تي هر صورت ۾ عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ جيترا به ڪيس آهن، انهن جو 50 سيڪڙو سنڌ ۾ آهن، ڪراچي جي اوڀر ۽ سينٽرل ضلع ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جون شڪايتون ملي رهيون آهن، اوڀر ضلعي ۾ ڪيل ٽيسٽن مان 21 سيڪڙو ماڻهو متاثر نڪري رهيا آهن، ڏکڻ ۾ 16 سيڪڙو ۽ سينٽرل ۾ 10 سيڪڙو ڪيس آهن، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 11 سيڪڙو، دادو ۾ 10 سيڪڙو، سکر ۾ 8 سيڪڙو ڪيس آهن. وڏي وزير چيو ته آئون پاڻ به اوچتو دورا ڪندس، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ڏٺي وئي ته ڪارروائي ڪندس، جيڪڏهن اسان ٻه هفتا پابندين تي مڪمل طور عمل ڪيو ته اڳتي سولائي ٿيندي. ٻي پاسي تعليم بابت وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب اجلاس ۾ هلندڙ سال ڪنهن کي به بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته سڀني ڪلاسن ۾ امتحان هر صورت ۾ ٿيندا. حڪومت ايس او پيز هيٺ هر صورت ۾ امتحان وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن موجب پهرين ڏهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان جون جي ٽئين هفتي ۾ ٿيندا. گرمين جون موڪلون محدود ڪيون وينديون ، امتحانن جي تاريخن جو اعلان لاڳاپيل صوبا ڪندا، امتحان لاءِ عملي جي ويڪسين ڪرائڻ تي زور پڻ ڏيندي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ويڪسين نه ڪرائيندڙن کي امتحانن جي ڊيوٽين تي مقرر نه ڪيو ويندو. ٻي پاسي ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 57 ماڻهو فوت، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان جي 37 ضلعن کان سواءِ باقي سمورن ضلعم ۾ تفريحي هنڌ ۽ تعليمي ادارا کلي ويا آهن.
117