215

حڪومت پاڻ ڏوهارين جو تحفظ نه ڪري ته نيب سميت سمورا ادارا نتيجا ڏيندا آهن: عمران خان

راولپنڊي /  اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز ۾ اهم اجلاس ٿيو،  جنهن ۾ کيس ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال سميت اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان وفد سان گڏ آءِ ايس آءِ هيڊ  ڪوارٽر پهتو ته ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سندس آجيان ڪيو. جنهن کان پوءِ هڪ اهم اجلاس ۾ وزيراعظم کي اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. ان اهم اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد، ناڻي وارو وزير شوڪت ترين ۽ قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف به شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ اعليٰ عسڪري اختيارين ۽ پرڏيهي وزارت جي اختيارين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته ملڪ جي سلامتي وارن معاملن تي به تفصيلي غور ڪيو ويو. وزيراعظم کي ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي به بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب وزيراعظم وفد سان گڏ 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽر ۾ موجود هو. ٻي پاسي وزيراعظم عمران خان پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ چيو آهي ته ڪا حڪومت ڏوهارين جو تحفظ نه ڪري ته نيب سميت سمورا  ادارا نتيجا ڏيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ٽن سالن جي دور 2018 کان 2020 تائين نيب 484 ارب روپيا واپس ڪرايا آهن، ان جي ڀيٽ ۾ 1999 کان 2017 تائين نيب رڳو 290 ارب روپيا واپس ڪرايا. هن چيو ته جڏهن حڪومت ڏوهارين کي تحفظ نه ڏيندي ۽ مداخلت بنا ادارن کي ڪم ڪرڻ ڏيندي ته سٺا نتيجا ايندا آهن، انويسٽيگيشن ايجنسيون ۽ احتساب ادارا سياسي مداخلت بنا ڪم ڪن ته اهڙا ئي نتيجا ايندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو