گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير رٿا بندي اسد عمر چيو آهي ته گهوٽڪي ضلعو سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ ضلعو آهي، گهوٽڪي جي گئس پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ وڃي ٿي اهو ظلم آهي ته گهوٽڪي جي ڳوٺن کي گئس نه پئي ڏني وڃي، ان حوالي سان قادرپور لڳ ڳوٺ گلبھار سنگھڙ ۾ 6 ڳوٺن کي گئس جي سهولت ڏيڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته وزير اعظم ان ڳالھه ۾ يقين رکي ٿو ته جتي وسيلا هجن اتان جي مقامي ماڻهن جو پهريون حق آهي. هن چيو ته حليم عادل شيخ تي حملو ڪرائڻ ۾ سنڌ حڪومت جو ڪو ماڻهو ملوث آهي سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته حليم عادل وڏو ليڊر بڻجي حليم عادل اهڙين حرڪتن کان نه ڊڄندو ۽ پنهنجي محنت جاري رکندو، وزير اعظم سکر آمد دوران سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو اعلان ڪيو هو اسان هڪ مهيني اندر جيڪب آباد، گهوٽڪي، خيرپور ۾ ترقياتي ڪمن جو افتتاح ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته وزير اعظم جي 22 سال جدوجهد رهي آهي ۽ اسان جي پارٽي جو نالو به انصاف آهي ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي، طاقتور ماڻهن جي لاءِ الڳ قانون ناهي، جهانگير ترين کان وزيراعظم ڪو انتقام نه پيو وٺي ان موقعي تي حليم عادل شيخ، فردوس شميم نقوي، پي ٽي آءِ ضلعي صدر مير افتخار احمد خان لنڊ، الله وسايو گهوٽو، حسن چاچڙ ۽ ٻيا پُڻ موجود هئا. هوڏانهن جيڪب آباد جي المحمد هائوس تي انٽرنيٽ سروسز (4جي) جي بحالي واري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير اسد چيو ته وفاق طرفان سنڌ جي عوام لاءِ ٽن منصوبن شيخ اياز يونيورسٽي، گمبٽ ميڊيڪل انسٽيٽوٽ ۽ آءِ بي اي سکر جو افتتاح ڪرڻو هو پر سنڌ سرڪار جي دٻاءُ سبب اهي تقريبون ملتوي ڪرايون ويون. ان موقعي تي نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير امين الحق ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وفاقي وزير اسد عمر پاران ٿري ونڊو نادرا رجسٽريشن سينٽر سوڀوديرو جو افتتاح ڪيو.
132