حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ايف بي آر انڪم ٽئڪس ۾ مختلف عهدن تي نئين ڀرتي لاءِ جاري اشتهار تي اسٽي ڏئي ڇڏيو آهي، ايف بي آر انڪم ٽيڪس جي نون ڀرٿي ڪيل ملازمن جي جوائننگ وارو معاملو، 2018ع ۾ داخل ڪيل درخواست تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس سليم جيسر ۽ جسٽس ذوالفقار احمد جي ڊبل بيچ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ۾ لاڳاپيل آفيسر پيش ٿيا، ان موقعي تي درخواستگذارن جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ايف بي آر 2018ع ۾ ساڳئي نوعيت جو اشتهار جاري ڪري 53 ڄڻا ڀرتي ڪيا هئا جن کي اڃا تائين جوائننگ نه ڏني وئي آهي، ايف بي آر ٻيهر 30 جاين تي ڀرتي لاءِ نئون اشتهار جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنھن ۾ پڻ حيدرآباد ڄاڻايو ويو آهي، استدعا آهي ته ڄاڻايل ڀرتي واري اشتهار تي اسٽي ڏئي پراڻن ڀرتي ڪيل ملازمن کي جوائنگ ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڄاڻايل اشتهار تي اسٽي ڏيندي 16 جون چيف ڪمشنر ريجنل ٽئڪس آفيسر ايف بي آر کي جواب سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
218