202

عمران خان عوام وٽ پيش پئي خراب معاشي پاليسي تي معافي وٺي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اشرافيي ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهي آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت ماڻهن جي ڪمائي وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ پراڻي آدم شماري جا انگ اکر استعمال ڪيا، عمران خان لاڳيتو ڪوڙ ۽ غلط بياني سان معاشي تباهي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران جي ايمانداري جو ڪوڙو تاثر قائم ڪيو ويو، حقيقت اها آهي ته پي ٽي آءِ جي اشرافيه ملڪ کي ٻنهي هٿن سان لُٽي رهي آهي، ملڪ ۾ جيستائين عمران خان جهڙا تجربا ٿيندا رهندا، پاڪستان ترقي نه ڪري سگهندو. سندس چوڻ هو ته هڪ زرعي ملڪ جي رڳو غذائي جنسن جي درآمدي بل ۾ 53 سيڪڙو تائين واڌ حڪومتي ڪارڪردگي تي هڪ چماٽ آهي، عمران خان عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا، انهن مان هڪ به پورو نه ڪيو، عمران خان 90 ڏينهن ۾ ملڪي معيشت ٺيڪ ڪرڻ جو چيو هو، اڄ هڪ هزار 11هون ڏينهن آهي، ملڪي معيشت ڪڏهن ٺيڪ ٿيندي؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو