لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار حلف کڻڻ جي لاءِ پنجاب اسيمبلي پهتو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر نه هئڻ جي ڪري ڏيڍ ڪلاڪ اسيمبلي سيڪريٽري جي ڪمري ۾ گذاريو، جنهن کانپوءِ حلف کڻڻ کانسواءِ واپس روانو ٿي ويو، اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته ٻن ڏينهن کانپوءِ ٻيهر حلف کڻڻ ايندس، ڪنهن سياسي راند جو حصو ناهيان، موقف تي قائم آهيان، حلف کڻڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو ته هڪ سياسي اڳڀرائي ٿي آهي، هن چيو ته سڀ ڪجهه آئين ۾ شامل آهي پر حڪومت پاڻمرادو آرڊيننس آڻڻ جي ڪوشش ڪري پئي. هن چيو ته جيڪڏهن نااهلي قانون مطابق هجي ته ڪو اعتراض ناهي پر رات جي اونداهه ۾ آرڊيننس ذريعي نااهلي ٿئي ته ان تي اعتراض آهي. هن چيو ته حلف نه کڻڻ تي پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ خلاف عدالت ويندس. هوڏانهن پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي وضاحت پيش ڪندي چيو آهي ته چوڌري نثار کان حلف وٺڻ کان انڪار ناهي ڪيو، عدالتي ڪيس ڏسون پيا، ٻن ڏينهن جو وقت گهريو آهي ته جيئن چيڪ ڪري سگهون ته ڪنهن عدالت ۾ اسٽي تي ناهي. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اسٽي جي دوران حلف کڻي توهين عدالت جو ذميوار قرار نه ٿي وڃي.
134