ليکڪ: درياهه خان جهتيال
اها ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي ته اسين هاڻ غير ذميواري جي مشين ۾ پيسجي رهيا آهيون، اسان جا جيوَن اُنهن اڀاڳن غير ذميوارن جي هٿن ۾ آهن جن جو پنهنجو جيءُ هن ڌَرتيءَ تي جيئي ئي نه پيو، ڦُل پروف سيڪيورٽيون، بمن ۽ گولين کان محفوظ گاڏيون، عام ماڻهو سان ملڻ جُلَڻ جو تصور ئي نه، سرڪاري ۽ غير سرڪاري سيڪيورٽي جا ڪَٽڪ ساڻن گڏ، وقت جي وهندڙ درياهه کان تمام گهڻي وِٿي رکي جيئندڙ سنڌ جا ذميوار پيا سَڏجن، ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته جنهن جي وجود جو انسانيت سان پري پري تائين ڪو تعلق ئي نه هجي اهو وري انسانن جو ٺيڪيدار آهي، سوبه ”جمهوريت“ جي دور ۾، وقت تبديل ٿيو، زمانو تبديل ٿي ويو، سال گذري ويا، ذهنن آزاد ڳالهين جو سوچڻ شروع ڪيو، عالمي دنيا کي سنڌ جي مُحبتن ۽ روايتن جا مثال ڏنا ويا پر فرق نه پيو ته صرف ۽ صرف انهن ماڻهن تي جن کي هن ڌرتي مان ڏنو، هي سموري لفظن واري وارتا تازو شهيد ٿيل سنڌ جي ٻَچَن جي آهي، جن کي غير ذميوارن ۽ لاپرواهي ڪندڙن قانوني طريقي سان رهزن ڌاڙيلن حوالي ڪيو، شڪارپور ضلعي جي تعلقي خانپور جي ڪَچي جي علائقي ڳڙهي تيغو ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، راڄ ان لاءِ چيم ته ضلعي جو هر ايس ايس پي ڦل مستيءَ ۾ ان راڄ جي آس پاس گهمي موٽي ايندو آهي ۽ هوائي فائرنگ ڪري ڌاڙيلن جي سلامي ڏئي ايندو آهي، پر اُن راڄ ۾ ناهي ويندو جتي رهزن ويٺل آهن، پر هن ڀيري ڪجهه مختلف ٿيو، ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ 6 مغوين جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي حڪم ڪيو ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سان گڏ نفري ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جي راڄ ۾ موڪلي ڇڏي، هڪ جنازو اي پي سي ۽ ٽُٽل، ڦِٽل، زنگيل هٿيار پوليس جوانن حوالي ڪري انهن کي سِڌي، اڻ سڌيءَ ريت موت جي حوالي ڪيو ويو، غير ذميوار ايس ايس پي امير سعود مگسي جي غلط حڪم يا ايئن کڻي چئجي گهٽ نفري ڪچي ۾ موڪلڻ واري عمل سبب اي پي سي ۾ سوار اهلڪارن تي ڌاڙيلن ويجهي کان پهريان ئي راڪيٽ لانچر فائر ڪيا ۽ بعد ۾ چين جي ويجهو اچي ان تي فائرنگ ڪندا رهيا، فائرنگ دورا چين ۾ گوليون اندر پار ٿي ويون جنهن سبب لانچر ۽ فائرنگ سبب ٽي پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ايس ايڇ او سميت 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، ان دوران اهلڪارن جي وائرل وڊيو به روئاريو، جنهن ۾ هُو شهيد ساٿين بابت ٻُڌائي رهيا هئا ۽ مدد طلبي رهيا هئا، پر ڌاڙيل فائرنگ ڪندا رهيا، بعد ۾ ڌاڙيلن به شهيد اهلڪارن جون جيڪيٽون پائي اي پي سي مٿان بيهي پنهنجي وڊيو ٺاهي، ان وڊيو ۾ ڌاڙيلن جا هٿيار ايترا ته جديد هئا جو اي پي سي ۾ گوليون پار ٿين پيون، پر پوليس جوانن کي اهڙا هٿيار ڏنا ويا ان لاءِ هو مغوين جي بازيابي بدران پاڻ مغوي بَڻجي ويا، تڪليف کُٽي نٿي، اڃا رِڍُن اڳيا رباب وڄائڻا آهن ته ڏٺو وڃي ته سنڌ جي گهرو کاتي گذريل چئن سالن کان صرف ۽ صرف قلمدان استعمال ڪندي ٻيلهه سواري تي پابندي، قلم 144، رينجرز کي اختيار ڏيڻ، آءِ جي جي تبديلي لاءِ استعمال ڪيو آهي، باقي پوليس کاتي جي هيٺين عملي لاءِ ڇا ڪرڻو آهي، اهو سوچيو ئي نه ويو، سوال اهو آهي ته آخر ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪچي تائين ڪيئن ٿا پهچن؟ انهن وٽ موبائيل جي سهولت ڪيئن پهتل آهي؟ هُو انٽرنيٽ جو استعمال ڪيئن پيا ڪن جو هر وڊيو فوري طور تي وائرل ٿي وڃي ٿي؟ ڌاڙيلن جا گروپ ڪيئن ٿا هڪ ٻئي کي تحفا پيش ڪن؟ هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ انهن تائين نه پُهچڻ جو ڇا سبب آهي؟ هنن سڀني ڳالهين جو ذميوار ڪير آهي؟ پوليس ۾ مختلف جاچ جا ادارا آهن، پر ڇا انهن جي ٽيڪنالاجي، جاچ، قاتلن ۽ رهزن ڌاڙيلن تائين نٿي پهچي؟ انهن جا سم ڪارڊ، ڊيٽا، موبائيل نمبرس، سڃاڻپ ڪارڊ، ڪچي، پڪي ۽ درياهي رستن ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ ماڻهن تي نظر رکڻ لاءِ اعليٰ آفيسرن کي اکيون ناهن؟ وردي، ڦول، اسڪاڊ، آفيسون ۽ سرڪاري بنگلا رکندڙ اعليٰ آفيسرن کي اهلڪارن جي ضرورت آهي، پر انهن جي حفاظت بدران غلط پلاننگ ڪري انهن جي جانين کي نقصان کان بچائڻ واري سوچ ڪنهن وٽ ناهي؟ ڇا اها آهي جوانن جي رت جي قيمت؟ جوانن جي رت کي ايترو سستو وڪرو ڪيو ٿو وڃي؟ هي ڪو پهريون ناڪام تجربو ناهي پر پهريان به جُڙتو مقابلن ۾ شهرت ماڻيندڙ آفيسرن سنڌ جي مخلتف ضلعن ۾ ڌاڙيلن خلاف غلط پلاننگ سان آپريشن ڪري ڌرتيءَ جا جوان شهيد ڪرايا، پر پاڻ ڪڏهن به ڪچي جي علائقن ۾ وڃي ڌاڙيلن سان جڙتو بدران اصلي مقابلو نه ڪيو، هميشه اهلڪارن ۽ ايس ايڇ اوز جي قرباني ڏني وئي ۽ انهن جو پلاند ڪرڻ بدران ماٺار ڪئي وئي. سنڌ ۾ پوليس وٽ ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ جديد هٿيارن ۽ جديد مشينري جو هجڻ ضروري آهي، آپريشنن جي پلاننگ جي ضرورت آهي، گهرو کاتو اڃا به خاموش رهيو ته وڌيڪ جوان ڌاڙيلن هٿان پنهنجي جواني وڃائي ڇڏيندا، ان ڪري هن حملي جي غلط پلاننگ ڪندڙ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي کي عهدن تان هٽائي ۽ شهيد اهلڪارن جي پونئيرن جي ڀرپور مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي وڃي ۽ خيرپور، سکر، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ۽ گهوٽڪي جي ضلعن ۾ موجود ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ حڪومتي سطح تي هڪ اهڙي سختگير پاليسي جوڙي وڃي، جنهن تي عمل ڪري ڄاڻايل علائقن جا ڪچا توڙي پڪا محفوظ بڻايا وڃن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ڌاڙيلن وٽ پهچندڙ جديد هٿيارن جي رسد بند ڪري ان ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي عملي قدم کنيا وڃن، جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته سنڌ جا ڄاڻايل ضلعا ۽ انهن جا علائقا وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويندا ۽ انهن علائقن ۾ عام ماڻهن سان گڏ اهلڪارن جي شهادت جا واقعا به رڪجي نه سگهندا، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪهڙي به طريقي سان ڄاڻايل علائقن ۾ امن بحال ٿيڻ گهرجي.