198

تبديل ٿيندڙ عالمي منظرنامو ۽ پاڪ-سعودي لاڳاپا..!!

ليکڪ: هما يوسف

ويجهن ڏينهن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن سعودي ايڊ ايجنسي طرفان ملندڙ چانورن جي 19 هزار ٻورين جي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ورهاست تي خوب تنقيد ڪئي، پر ان سياسي رساڪشيءَ ۾ پاڪ-سعودي عرب جي لاڳاپن بابت معنيٰ واري بحث جو موقعو وڃائي ڇڏيو، ان قسم جو بحث هن وقت انتهائي ضروري آهي، ڇو ته ڪورونا کانپوءِ پاڪستاني معيشت جي بحاليءَ ۾ سعودي عرب جي قيادت ۾ خليجي رياستن جو ڪردار اهم ترين هوندو، پاڪستاني مزدورن جي خليجي منڊين تائين رسائي جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ناڻي جي مٽاسٽا جي، پاڪستان جي نئين جيو اڪنامڪ حڪمت عملي ۾ ان ڳالهه جو به خيال رکڻو پوندو ته پاڪستان کي ڪهڙي طرح خليجي ملڪن لاءِ پرڪشش واپاري شراڪتدار بڻايو وڃي، پاڪستان کي تجديد جي قابل توانائي جي ان منصوبي جي به سخت ضرورت آهي، جنهن منصوبي کي سعودي جي امداد ملي سگهي، گڏيل معاشي فائدن کي پاڪ-سعودي لاڳاپن جو بنياد هجڻ گهرجي، پر بدلجندڙ عالمي سياسي ۽ جاگرافيائي حقيقتن جي ڪري فوري طور تي انهن لاڳاپن جو رخ صحيح ڪرڻ ضرورت پيدا ٿي وئي آهي، تجزيي نگارن پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وڌندڙ لاڳاپن ۽ خليجي ملڪن جي ڀارت سان وڌندڙ قربت جي ڪري پاڪستاني جي خليجي ملڪن سان لاڳاپن کي رد ڪري ڇڏيو هو، پر هاڻي اها صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. غزه ۽ اسرائيل ۾ خوفناڪ صورتحال ۽ ايراني اثر و رسوخ خلاف خليجي ملڪن جي اسرائيل سان نرمي تي سواليا نشان اٿاريا ويندا، اهڙي طرح پاڪستان کي اسرائيل جي حوالي سان پنهنجي سخت موقف سان خليجي پاليسي واري لاڳاپي تي گهٽ تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو،ڪشمير بابت اختلاف (جيڪي اسرائيل، يمن، قطر ۽ ايران جي مسئلي تي اختلافن کانپوءِ سامهون آيا آهن) رجحان بدران رعايت بڻجي سگهن ٿا ۽ اسلام آباد ۽ رياض ان تي اختلاف ڪرڻ تي اتفاق ڪري سگهن ٿا، قطر سان ايل اين جي وارن ٺاهن ۽ مزدورن کي روزگار جي فراهمي وارن معاملن سميت پاڪستان جي وڌندڙ لاڳاپن باوجود سعودي عرب ۽ قطر جي لاڳاپن ۾ بهتري سان پاڪستان کي به  سعودي عرب سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ايران سان ائٽمي ٺاهه ۾ آمريڪا جي واپسي ۾ ايندڙ چونڊن ۽ سعودي ولي عهد جي قدمن تي آمريڪا طرفان ناپسنديدگي جو اظهار اهڙا نقطا آهن، جيڪي وچ اوڀر ۾ فرقيواراڻي ورهاست کي گهٽائڻ ۾ مدد گار ثابت ٿي سگهن ٿا، اهڙي طرح پاڪستان کي سعودي عرب سان پنهنجن لاڳاپن کي نئين سري سان ترتيب ڏيڻ جو موقعو ملي ويندو، هتي ان حقيقت جو ادراڪ به ضروري آهي ته ايران مٿان پاڪستان جو اثر شايد گهٽجي رهيو آهي ۽ پاڪستان هاڻ سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ مفاهمت ڪرائڻ جي اهليت وڃائي رهيو آهي (جيتوڻيڪ پاڪستان کي فرقيواراڻي پراڪسي جنگين جي خطري سبب انهن ٻنهي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي متوازن رکڻو آهي) سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ اهميت دفاعي شراڪت ۾ رهندي، پر هتي ذڪر ڪيل تبديلي جو مطلب آهي ته شايد ئي اهڙو ڪو موقعو اچي جنهن ۾ دفاعي معاملن تي پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪٻئي جي مقابلي ۾ نه هجن، دهشتگردي هڪ اهڙي شيءِ آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي شراڪت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان به انتهاپسندي جي خطري کي منهن ڏئي رهيو هجي، وچ اوڀر جي تبديل ٿيندڙ منظرنامي ۾ پاڪستاني مفادن جي تحفظ جي هڪ ئي صورت آهي ته وچ اوڀر جي حوالي سان هڪ آزاد، واضح ۽ مستقبل سان هم آهنگ پرڏيهي پاليسي ٺاهي وڃي، وزيراعظم ۽ پرڏيهي سروس وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ اهو ڪم ڏکيو ئي لڳي رهيو آهي، نامياري صحافي زاهد حسين به لکيو هو ته سفارتڪارن جي ناڪامي جو اصل سبب پرڏيهي پاليسي جا نقص آهن، جيترو مضبوط اسڪرپٽ هوندو ڪردارن جي ڪارڪردگي به ايتري ئي جاندار هوندي. 2018ع کانپوءِ سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا به ان ڪمزور اسڪرپٽ جا عڪاس آهن (ياد ڪريو ته ڪيئن عمران خان سعودي عرب جي چوڻ تي ملائيشيا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي هئي) عارف رفيق مڊل ايسٽ انسٽيٽيوٽ لاءِ لکيل هڪ مضمون ۾ چيو آهي ته 2018ع ۾ سعودي عرب سان طئه ٿيل توانائي جي منصوبن تي عمل نه ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته پاڪستان انهن منصوبن لاءِ رقم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي استعمال لاءِ پوري طرح اهل نه هو، هڪ سٺي پرڏيهي پاليسي ۾ ان قسم جي خامين کي ختم ڪيو ويندو آهي، هڪ اهڙي پرڏيهي پاليسي جي ضرورت آهي جيڪا خاص ڪري سعودي عرب ۽ عام طور تي خليجي ملڪن سان معلومات ۽ ثقافتي رابطن جو به احاطو ڪري، پاڪستان جي مذهبي قوميت جي سڃاڻپ تي ڇڪتاڻ جاري رهندي، عربي زبان جي تعليم ۽ سعودي مالي امداد سان هلندڙ مدرسا مزاحمت کي منهن ڏيندا رهيا آهن، جيتوڻيڪ اسان جو اصل مقصد پنهنجي مزدورن کي روزگار ڏيڻ يا واپار ۾ واڌارو ڪرڻ آهي ته اسان کي عرب قالب ۾ پاڻ کي ڍالڻ بدران کليل طورتي پنهنجي بيان کي چٽو ڪرڻ گهرجي، هي دنيا وڌيڪ ڏکي ٿي رهي آهي، آمريڪا هاڻ پوئتي هٽي اندروني مسئلن جي حل جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، چين اڳتي وڌي رهيو آهي پر ان کي به اڃا ڪيترن ئي عالمي مسئلن تي پنهنجو موقف واضح ڪرڻو آهي ۽ انهن مسئلن ۾ خليج ۾ هلندڙ سياسي ۽ فرقيواراڻا مسئلا به شامل آهن. سعودي عرب ۽ چين به ويجهن لاڳاپان لاءِ پر سوئي رهيا آهن، ائين پاڪستان کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي دلچسپي جو موقعو ملي رهيو آهي، اسان ان تبديل ٿيندڙ منظرنامي ۾ سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ بگاڙ برداشت نه ڪري سگهنداسين، انهن لاڳاپن ۾ بهتري سان اسان کي گهڻو ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ انهن ۾ بگاڙ سان خاطر خواهه نقصان به ٿي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو