156

ڪورونا، ڪاروبار جي بندش ۽ عوام جي مالڪي جو سوال…؟؟

ليکڪ: پروفيسر گل محمد سومرو

1988ع کانپوءِ جمھوريت کي نئين سر عوامي اميدن، سھڻن خيالن، جديد اصولن، بيروزگاريءَ جي خاتمي، غربت جي پاڙ پٽڻ، ڪرپشن ختم ڪرڻ، عوامي نظام قائم ڪرڻ، عوام جي ننڍن ۽ وڏن مسئلن جي خاتمي، مھانگائيءَ کي جڙ کان ختم ڪرڻ ۽ خاص طور تي 1973ع جي آئين مطابق عوام کي سھولتون فراھم ڪرڻ جي سھڻن خوابن کي ساڀيان ڪرڻ جو موقعو مليو، اھڙا سھڻاخواب ڏيکاري اسان جي عوامي سياسي نمائندن عوام کان ووٽ حاصل ڪري سڀني اميدن تي پاڻي ڦيري ھڪ اھڙي جٺ جو رواج وڌو، جيڪو ھن وقت تائين ھلندو اچي ٿو، ان وقت ۽ ھن وقت ۾ زمين آسمان جو فرق آھي، ڏٺو وڃي ته ان وقت وري به خوشحالي ھئي. انساني زندگي وري به پر سڪون طريقي سان گذري ٿي، ماڻهن ۾ ٽي ويلا آسانيءَ سان مانيءَ ٽڪر کائي سگھڻ جي صلاحيت هئي، ايتري مھانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن، ناجائزي، نا انصافي ۽ غربت نه ھئي جيتري اڄ آھي، گذريل 14 سالن کان اسان جي ڪامورن ته ناجائزي ۽ ناانصافيءَ جون حدون ڪراس ڪري ڇڏيون آھن. ايترو ظلم 1857ع واري جنگ آزاديءَ کان پوءِ مسلمانن تي انگريزن به نه ڪيو ھو جيترو سنڌ جي عوام سان ڪيو ويو آھي، گذريل 14مھينن کان بجلي، گئس، پاڻي، ڪرپشن، معصوم نياڻين سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر، سرڪاري ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن، سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ نا اھل ماڻھن، سنڌ ۾ ڌارين کي وڏي رقم جي عيوض ڊوميسائل ٺاھي ڏيندڙ سرڪاري ڪامورن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ، سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪندڙ مافيائن خلاف ڪارروائي ڪرڻ، سرڪاري تعليمي ادارن جو نظام تباھه ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ڪو به سنجيده قدم ناهي کنيو، نه ئي ڪو اهڙو عمل ڪيو آهي جيڪو رڳو ڏسڻ ۾ ئي اچي، ڏينھون ڏينھن اھي مسئلا ختم ٿيڻ بدران وڌندا پيا وڃن، حڪومت ڪنهن جي به ھجي ان جي منشور ۾ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جو ڪو  به اصول آھي ئي نه. پر عوام انھن جي نظرن ۾ ھڪ ٻئي ملڪ جي قيد ٿيل فوجي سپاھيءَ يا وري اڇوت قبيلي وانگر آھي. ڪورونا وبا جي آڙ ۾ گذريل 15 مھينن کان خاص طور تعليمي ادارا بند پيل آھن، ته پوءِ انھن بند پيل خانگي تعليمي ادارن کان ڪھڙي اصول تحت رڪگنيشن في ورتي پئي وڃي؟ انھن بند پيل تعليمي ادارن کان ڪھڙي اصول تحت شاگردن جي انرولمينٽ في ورتي پئي وڃي؟ ڪھڙي اصول تحت بند پيل خانگي تعليمي ادارن کان پوري سال جو ٽئڪس ورتو پيو وڃي؟ آھي ڪو انھن سوالن جو جواب ڏيڻ وارو؟ جڏھن بورڊ جي سالياني امتحانن دوران ڪاپي جو عمل عام ٿي ويندو آھي، جڏھن سرڪاري اسڪولن ۾ گوسڙو ماستر ڳوليا نه لڀندا آھن، جڏھن سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جو وڏو انگ بورڊ جي امتحانن ۾ فيل ٿي پوندو آھي، تڏھن انهن جي دل ۾ ٻارن جي لاءِ احساس ڇو نه پيدا ٿيندو آھي؟ گذريل 15 مھينن کان ڪورونا جي آڙ ۾ اسڪولن تي بندش مڙھي آن لائين جو ڊرامو رچائيندڙ اھو ٻڌائين ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ انٽر نيٽ جو ڪيتري حد تائين انتظام آھي؟ تعليمي ادارن جي کلڻ کان ٻه ڏينھن اڳ ھميشه جيان ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌائي ظاھر ڪيو پيو وڃي، اھي سرڪاري ڊاڪٽر جيڪي ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ڪميشن تي ارب پتي ٿي ويا آهن، انھن جي دلين ۾ عوام لاءِ ايتري ھمدردي ڪڏھن پيدا ٿي؟ سرڪاري ملازمن ايتري سچائي سان ڪڏھن کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آھي جو روز سنڌ  ۾ ڪورونا جي شرح جو حساب لڳائي ميڊيا تي اعلان ڪري رھيا آھن؟ اھو سڀ ڪجهه ڇا ٿي رھيو آھي وقت ٻڌائيندو. غور ڪجي ته ايس او پيز تي مڪمل عمل به خانگي تعليمي ادارن ڪري ڏيکاريو، ته سنڌ ۾ پٺتي پيل تعليمي نظام کي ترقي ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي سنڌ جي تعليمي نظام کي عالمي سطح تي ترقي ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار به خانگي تعليمي ادارن ئي ادا ڪيو پر افسوس جو اھا خانگي تعليمي ادارن جي خوبي اسان جي اقتدار ۾ آيل ڪامورن کان برداشت نه ٿي سگھي، جنھن ڪري ڪورونا جي آڙ ۾ سنڌ جي خانگي تعليمي ادارن کي تباھ ڪرڻ جي ھڪ لڪل سازش جوڙي وئي آھي.  جيڪڏھن حڪمرانن کي عوام سان ايتري ھمدردي آھي ته پوءِ ڪاروبار بند ڪرڻ سان گڏ روزانو ڪمائيندڙ پورھيت جي گذر سفر لاءِ ڪو متبادل رستو ڇو نه پيو متعارف ڪرايو وڃي؟ جيڪي ماڻھو گذريل 15 مھينن کان بيروزگار ويٺا آھن، انھن لاءِ حڪومتي سطح تي ڪھڙو سھڪاري اعلان ڪيو ويو آھي؟ ھن وقت حڪومت جي پاليسين، حڪومت جي فيصلن ۽ حڪومت جي اصولن جي پوئواري ۽ انھن جي حمايت صرف ۽ صرف سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪندڙ عملو ئي ڪري رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته گذريل 15 مھينن کان انھن کي گهر ويٺي مفت ۾ نه رڳو پگھار ملي آھي پر وقت تي انھن جو گريڊ به وڌيو آھي ته انڪريمنٽ به وقت تي ملي آھي ته پوءِ ھو ھر صورت ۾ حڪومت جو ئي ترانو ڳائيندا، باقي خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ بيروزگار بک مرن يا آپگهات ڪن انھن جي گهرن جا معصوم ٻار تڙپي تڙپي مرن يا بک تي بيمار ٿي مرن، انھن ڳالھين جو ڪنھن کي به احساس نه آھي. گذريل 15 مھينن کان تعليمي ادارا ۽ ڪاروبار ته بند ڪرايا ويا پر ان عرصي دوران عوام کان مڪمل طور تي ٽئڪس حاصل ڪيو ويو، گاڏي رکندڙ ھر ماڻھو کان 2020 ۽ 2021ع جو ٽئڪس به وصول ڪيو ويو، جن ماڻھن بئنڪن مان قسطن تي گاڏيون حاصل ڪيون ھيون، انھن جي قسط ۾ رعايت ڪرائڻ جي سھوليت حاصل ڪرڻ لاءِ به عوام حڪومت  مان نا اميد آھي، بازارن ۾ جن دڪاندارن جا دڪان ڪرائي تي آھن انھن جا ڪاروبار بند ڪرائڻ ۾ حڪومت ڏنڊو گهمائي ويٺي آھي پر انھن کي ڪرائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو، افسوس ته اهو آهي ته اسان پنهنجن جي هٿان لٽجي رهيا آهيون، ڌارين تي ڀلا ڪهڙي ميار ڏيون؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو