ليکڪ: سڪندر بوزدار
پوليس ۽ ڌاڙيلن جي مقابلن جون سنڌ جي اڪثر شهرن مان خبرون رپورٽ ٿيل ملنديون آهن، جن ۾ ڏوهارين کي پوليس هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪري علاج لاءِ اسپتال ڀيڙو ڪندي آهي، جڙتو مقابلا ڪري پوليس اصلي پوليس مقابلا وساري ويٺي آهي، جنهن ڪري بلٽ پروف بڪتربند گاڏين کي به ڌاڙيلن جون گوليون چيري وڃي پوليس اهلڪارن کي لڳنديون آهن ۽ پوليس جا جوان زخمي ۽ شهيد ٿي ويندا آهن، شڪارپور پوليس هميشه ڌاڙيلن اڳيان نقصان کي برداشت ڪيو آهي ۽ ڪالهه به وري شڪارپور پوليس ڌاڙيلن سان مقابلو ڪندي پنهنجا چار جوان شهيد ڪرائي ويٺي آهي، ان کان اڳ به پوليس ڌاڙيلن خلاف جيڪي به آپريشن ڪيا آهن سي سڀ ناڪام ٿي ويا آهن، هميشه پوليس پنهنجا جوان شهيد ڪرائي موٽي آهي، پوليس جون اي پي سي چين واريون گاڏيون ڌاڙيلن جي گولين اڳيان ٽين جي ڊٻي واريون گاڏيون ثابت ٿيون آهن، پوليس جا اڪثر جوان اي پي سي چين جي گاڏين ۾ ئي شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته هي پهريون دفعو ناهي ٿيو، ان کان اڳ به ڌاڙيلن پوليس آفيسرن کان وٺي اهلڪارن کي بلٽ پروف اي پي سي چين يعني بڪتر بند گاڏي ۾ شهيد ڪيوآهي، پوليس آفيسرن کي خبر به آهي بڪتر بند گاڏيون ڌاڙيلن جي گولين کي روڪي نه سگهنديون، ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي پنهنجي جوانن کي شهيد ڪرائڻ لاءِ ڌاڙيلن ڏانهن ڇو ٿا موڪلين؟ جڏهن به پوليس پنهنجا جوان مارائيندي آهي ته پوءِ پويان پير ڪندي آهي، ان کان اڳ به جيڪي پوليس ۽ ڌاڙيلن جا مقابلا ٿيا آهن ۽ جيڪي به پوليس جا اهلڪار شهيد ٿيا آهن، پوليس اڄ تائين انهن شهيد اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث اصل جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، اوهان کي ياد هوندو ته فنڪار جگر جلال جي بازيابي لاءِ ويل ڊي ايس پي رائو شفيع الله شهيد ٿيو هو ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿيو هو، ڊي ايس پي رائو شفيع الله کي شهيد ڪرائڻ کانپوءِ شڪارپور پوليس پوئتي هٽي وئي هئي ۽ راڄوڻي طريقي سان منٿ ميڙ ڪري فنڪار جگر جلال ۽ سندس ساٿين کي بازياب ڪرايو هو. هاڻي پوليس ساڳي ڪار ڪندي پنهنجا جوان مارائي موٽي آئي آهي، هاڻي وري پوليس ۽ ڌاڙيلن جو مقابلو پوليس جي پريس رليزن ۾ هلندو، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته ڌاڙيلن سان اڳ ٿيندڙ مقابلن ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي قاتل ڌاڙيلن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي ها، ته پوءِ ڪو به ڏوهاري پوليس سان مقابلي ڪرڻ جي جرئت ئي نه ڪري سگهي ها، شڪارپور، سکر ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو ڪچو ڌاڙيلن لاءِ پوليس جي بڪتربند گاڏين کان به وڌيڪ محفوظ ۽ مضبوط آهي، ڇو ته پوليس اهلڪارن جو ڪو به قاتل ڌاڙيل ڪچي مان گرفتار ناهي ٿي سگهيو، ايس ايس پي شڪارپور امير سعود مگسي سٺي ساک رکندڙ آفيسر آهي، تازو شڪارپور ۾ پوسٽنگ ٿيندي ئي هن ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل 8 ڄڻا بازياب به ڪرايا ۽ ٻن ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي هئي، جيڪا سٺي ڳالهه به آهي پر ايس ايس پي شڪارپور پاران بنا پلاننگ جي پوليس اهلڪارن کي ڌاڙيلن جي منهن ۾ ڏيڻ به دانشمندي وارو فيصلو نه هو. پر اهلڪارن جي شهادت کانپوءِ اهو ضروري ٿي ويو آهي ته هاڻي پوليس نئين پلاننگ سان ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن کي عبرت جو نشان بڻائي ڪچي کي ڌاڙيلن کان پاڪ ڪري، ڇو ته گهوٽڪي، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جي ڪچي ۾ هلندڙ نام نهاد آپريشن جي باوجود به ڌاڙيل آساني سان پوليس کي پنهنجو هدف بڻائي وٺن ٿا، پوليس کي ٽرينگ کان وٺي جديد هٿيار، بڪتر بند گاڏيون ۽ جوان به آهن، ان باوجود به پوليس جو نقصان ٿئي ٿو، ڳالهه سوچڻ جي آهي، پوليس آفيسر جوانن کي ناقص بڪتربند گاڏين ۾ بند ڪري ڌاڙيلن ڏانهن شهيد ٿيڻ لاءِ موڪلين ٿا، ان ڪري هاڻ ناقص بڪتربند گاڏيون خريد ڪندڙ ۽ بنا پلاننگ جي پوليس جوانن کي موت جي منهن ۾ ڏيندڙن آفيسرن کان به جاچ ٿيڻ گهرجي.