176

سنڌ ۾ پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو…

ايڊيٽوريل

سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪورونا جون پابنديون وڌيڪ سخت ڪندي رات جو 8 وڳي کانپوءِ عوام جي غير ضروري اچ وڃ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، وڏي وزير جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته اڄ کان سڄي صوبي ۾ ڪاروبار صبح جو 5 وڳي کان شام جو 6 وڳي تائين کليل هوندو، ڊپارٽمينٽل ۽ سپر اسٽور به شام جو 6 وڳي تائين کليل رهندا، پر بيڪريز ۽ کير جا دڪان رات جو 12 وڳي تائين کليل رهندا، جمعي ۽ آچر تي ڪاروبار مڪمل بند رهندو، ترجمان جو چوڻ هو ته اڄ کان رات جو 8 وڳي کانپوءِ ماڻهن کي غير ضروري گهمڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ کي گاڏين ۾ گهمندڙ ماڻهن کي روڪڻ جي به هدايت ڪئي آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي ضروري ڪم هوندو يا اسپتال وڃڻو هوندو ان کي اجازت ڏني ويندي، ترجمان مطابق پارڪس ۾ مغرب کانپوءِ لائيٽون بند ڪرڻ جو فيلصو ڪيو ويو آهي ۽ وڏي وزير ڊي سيز ۽ ايس ايس پيز کي پابندين تي هر صورت ۾ عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي،هن چيو ته پابنديون ڪرفيو نه آهن، پر ڪرفيو جهڙيون ضرور آهن، هن چيو ته اسان شادي هالن تي پابندي هنئي ته ماڻهن گهرن ۾ دعوتون شروع ڪري ڏنيون، ايس او پيز تي ڪو به عمل نه ٿيو، مجبور ٿي اسان کي پابنديون سخت ڪرڻيون پيون، هن چيو ته اسان دڪانن کي تالا هڻڻ نٿا چاهيون، پر اسان وڌيڪ لاش به کڻڻ نٿا چاهيون، جيڪڏهن مرض کان بچڻو آهي ته پوءِ ننڍڙي قرباني ڏيڻي پوندي، وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ جيترا به ڪيس آهن، انهن جو 50 سيڪڙو سنڌ ۾ آهن، ڪراچي جي ضلعي شرڪي ۽ ضلعي وستي ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جون گهڻيون شڪايتون ملي رهيون آهن، ضلعي شرڪي ۾ ڪيل ٽيسٽ مان 21 سيڪڙو، ڏکڻ ۾ 16 سيڪڙو، وستي ۾ 10 سيڪڙو، حيدرآباد ۾ 11 سيڪڙو، دادو ۾ 10 سيڪڙو ۽ سکر ۾ 8 سيڪڙو ڪيسز آهن، مراد علي شاهه وڌيڪ چيو آهي ته آئون پاڻ سرپرائيز دورا ڪندس ۽ جيڪڏهن وقت جي ڀڃڪڙي ٿي ته ڪارروائي به ڪندس، وڏي وزير چيو آهي ته جيڪڏهن اسان 2 هفتا پابندين تي عمل ڪيو ته اڳتي آساني ٿيندي. اسان سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ 18 هين ترميم کانپوءِ صوبا پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ خودمختيار آهن ۽ ڪورونا اهڙو مرض آهي، جنهن جو احتياط صرف علاج آهي، پر جيڪو به فيصلو ٿيڻ گهرجي اهو سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺي ڪرڻ گهرجي، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته جن هنڌن تي ڪيسن جي شرح وڌيڪ آهي، انهن علائقن ۾ ئي سخت پابنديون لڳايون وڃن ها، ڇو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح هڪ جهڙي نه آهي، گهڻو ڪري گادي واري شهر ۾ ڪيس وڌيڪ آهن ۽ ان کانپوءِ ٻئي نمبر تي حيدرآباد ۾ ڪيسن جو انگ وڌيڪ آهي، ان هوندي به سنڌ حڪومت پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ فيصلا ڪري سگهي ٿي، اسان سمجهون ٿا ته ٻن هفتن لاءِ ٿيل سختين وارا فيصلا جيڪڏهن ڪيا ئي ويا آهن ته انهن تي عمل به اهڙي طريقي سان ئي ٿيڻ گهرجي، اسان وٽ پوليس جي ڪارڪردگي اڳ ئي سواليا بڻيل آهي ۽ 8 وڳي کانپوءِ چرپر واري پابندي تي ڪٿي ڪنهن سان ناانصافي نه ٿئي، ان ڳالهه کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ۽ بنا ڪنهن رک رکاءَ جي اهڙن فيصلن تي عمل پڻ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته جڏهن سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو هجي ان وقت سنڌ ۾ سخت لاڪ ڊائون وارو فيصلو به هڪ چئلينج وانگر آهي. جنهن کي نڀائڻ لاءِ ميرٽ ۽ شفافيت جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو