192

مونکي ڪو آپشن نظر نه ٿو اچي، مصباح کي هٽائڻ جو فائدو ناهي: وسيم اڪرم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻو ڪپتان ۽ پي سي بي ڪرڪيٽ ڪاميٽي جو ميمبر وسيم اڪرم ملڪي ڪرڪيٽ هلائڻ وارن الزامن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته آئون ڪرڪيٽ ڪاميٽي ۾ ضرور آهيان پر بورڊ ناهيان هلائيندو، فيصلن جو اختيار پي سي بي وٽ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ وسيم اڪرم چيو ته مون کي ڪو آپشن نظر نه ٿو اچي ته مصباح کي هٽائڻ جو فائدو ٿيندو، اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته محمد عامر رٽائرمينٽ واپس وٺڻ بابت مون سان ڳالهايو ته کيس ضرور سمجهائيندس، شرجيل خان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وسيم اڪرم چيو ته شرجيل خان جي فٽنيس بهتر ٿي وئي آهي، هو اڳيان هلي ميچ ونر بيٽسمين بڻجي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو