205

جهانگير ترين گروپ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جو هڪ ٻيو گروپ به سرگرم، هم خيال گروپ پاران جلد پنجاب جي وڏي وزير سامهون پنهنجا خدشا رکڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جهانگير ترين گروپ کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جو هڪ ٻيو گروپ به سرگرم ٿي ويو آهي، ذريعن موجب هم خيال گروپ پنهنجي تڪن  جا معاملا حڪومت کان حل ڪرائڻ جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو، ذريعن موجب هم خيال گروپ بجيٽ ۾ ترقياتي اسڪيمون شامل نه ڪرڻ جو ڏوراپو ڏنو، هم خيال گروپ جلد پنجاب جي وڏي وزير سامهون پنهنجا خدشا رکڻ تي اتفاق ڪيو، تحريڪ انصاف جي هم خيال گروپ جي 15 کان وڌيڪ پنجاب اسيمبلي ميمبرن گذريل رات ايم  پي اي ملڪ غضنفر عباس چهينه طرفان ڏنل ڊنر تي ملاقات ڪئي، ڊنر ۾ سردار شهاب الدين، غضنفر عباس چهينه، محي الدين خان کوسه، عامر عنايت خان شاباني، اعجاز سلطان بنديشه نواب علي رضا خان خاڪواني، تيمور امجد لالي، بلال اصغر وڙائچ، ڪرنل(ر) غضنفر علي شاهه، اعجاز خان جازي، فيصل فاروق چيمه، گلريز افضل چن، علي اصغر خان لاهڙي ۽ احسن جهانگير ڀٽي سميت ٻين اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو