134

ڪورونا وبا ملڪ ۾ وڌيڪ 65 مريضن کان حياتي کسي ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وبا وگهي وڌيڪ 65 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته فعال ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي، ان کان علاوه ملڪ ۾ ڪورونا جا 2 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 59 هزار 076 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ٽيسٽن جو انگ 12.943.62 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 724 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، رپورٽ مطابق هينئر تائين سنڌ ۾ 3 لک 11 هزار 766، پنجاب ۾ 3 لک 36 هزار 315، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 30 هزار 644، اسلام آباد ۾ 80 هزار 662، بلوچستان ۾ 24 هزار 733، آزاد ڪشمير ۾ 18 هزار 940 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 516 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، رپورٽ موجب هن  وقت سموري ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 60 هزار 268 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 908.576 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 65 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل طور تي انگ 20 هزار 465 ٿي ويو آهي، اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي ڏينهن هڪ دوران 4 هزار 686 مريض صحتياب ٿيا، جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 827.843 ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو