129

ٺارو شاهه ويجهو 8 سالن جي نينگر سان بدفعلي، تشدد ننيگر بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل

ٺاروشاهه (ويب ڊيسڪ) ٺاروشاهه جي صحافي جي 8 سالن جي نينگر سان بد فعلي  نينگر بيهوش، اسپتال داخل، جوابدار گرفتار، ايس ايڇ او  ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ  پنجاهه  ھزار رقم گهري ورتي، جوبدار تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي وارث، رپورٽ مطابق ٺاروشاهه جي صحافي محمد علي اڄڻ جي 8 سالن جي نينگر اشفاق اڄڻ جنهن کي هڪ وحشي صفت درندي  ڳوٺ ميوو خان چانڊيو جو رهواسي نجف چانڊيو جنهن نينگر کي زبردستي کڻي عطر چانڊيو جي باغ ۾ کڻي وڃي اتي نينگر تي تشدد ڪري نينگر کي ٻڌي  بدفعلي جو نشانو بڻايو، جڏهن  ته نينگر کي ڳوٺاڻن بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال پهچايو،  پوليس جوبدار نجف چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوبدار تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ پوليس پاران صحافي کان  پنجاهه ھزار روپيه رشوت جي گهر،  جڏهن ته  نينگر جي والد محمدعلي اڄڻ ميديا کي ٻڌايو ته منهنجو نينگر ٻاهر راند کيڏڻ لاءِ نڪتو هو راند ڪندي درٻيلو مائينر تي پهتو جتان نينگر کي اغواه ڪيو ويو ۽ نينگر کي  گهٽا ڏنا ويا ۽ لٺين سان تشدد پڻ ڪيو ويو، هن چيو ته پوليس جوبدار کي گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مسلسل 5 ڏينهن کان پوليس اسان تي دٻاءُ وجهندي رهي ته ٺاهه ڪريو، هن جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او مونکان پنجاهه ھزار روپيه رشوت گهري  ته پنجاهه  ھزار ڏي ته ايف آءِ آر داخل ڪيا،ان کانپوءِ هن وقت تائين منهنجي مٿان ٺاهه جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. هن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي نواب شاهه ايس ايس پي نوشهروفيروز کان گهر ڪئي ته جلد کان جلد منهنجي نينگر سان بد فعلي ڪندڙ جوابدار تي ايف آءِ آر  ڪري ايس ايڇ او ٺاروشاهه خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو ونڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو