ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي ۾ سي ٽي ڊي فورس جو سرچ آپريشن مڪمل ٿي ويو، فائرنگ دوران چار دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو، رپورٽ مطابق ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي اغبرگ ۾ ڳجهي اطلاع ملڻ تي سي ٽي ڊي فورس سميت ٻين سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي تي سرچ آپريشن ڪيو، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ آپريشن کان پوءِ دهشتگردن جي استعمال هيٺ ڪمپائونڊ جي تلاشي جو عمل مڪمل ڪيو ويو، سي ٽي ڊي ترجمان موجب آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران چار دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، دهشتگردن جي استعمال هيٺ ڪمپائونڊ مان هٿيار ۽ ٻيو بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان ٻڌايو پيو وڃي، سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگرد فورسز تي حملي ۾ ملوث رهيا آهن ۽ ڪوئٽه ۾ وڌيڪ دهشتگردي جي ڪارروائين لاءِ گڏ ٿيا هئا، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ڪارروائي کان پوءِ ناڪام بنايو ويو، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
