177

سنڌ جو پاڻي روڪڻ تي عوام عمران خان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو: بلاول ڀٽو

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني ۽ عبدالقادر پٽيل  ملاقت ڪئي. بلاول ڀٽو ساڻس ملاقات ڪندڙ پارٽيءَ جي اڳواڻن کان ڪراچيءَ ۾ پاڻي جي کوٽ بابت بريفنگ پڻ ورتي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ جو پاڻي روڪڻ تي عوام عمران خان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت غيرقانوني طور تي چڻي واڻي سنڌ جي پاڻي ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي. ڪراچيءَ جي سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون لاڳيتو ئي جاري رکيون وينديون. ٻي پاسي هڪ بيان ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته  عمران خان  بينظير سپورٽ پروگرام جو نالو تبديل ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪيو؟،ڪوڙ پڪڙجي پيو آهي، عمران خان جي غربت ۾گهٽتائي جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چوري پڪرجي پئي آهي، عوام کي خبر پئجي وئي، احساس ڪفالت پروگرام اصل ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ئي آهي،ڪوڙ ۽ دوکي کي يوٽرن جو نالو ڏنو ويو، پيپلزپارٽي عمران خان جي معاشي سونامي جي دوران سنڌ جي لکين ٻهراڙي جي عورتن کي فني تربيت ڏني آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو